شاهد آفريدي جو الوداعي پيغام: ”پنهنجن دليراڻن فيصلن سبب مداحن جي اميدن تي پورو لٿو هوندس“

0
59

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي سيريز لاءِ عارضي چيف سليڪٽر شاهد آفريدي سيريز جي پڄاڻي تي الوداعي پيغام جاري ڪيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ شاهد آفريدي نيوزيلينڊ کي ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون ۽ گڏوگڏ لکيو ته هو پراعتماد آهي ته قومي ٽيم جلد فارم ۾ واپس ايندي.


اڳوڻي ڪپتان ڪيويز بيٽر گلين فلپس جي شاندار بيٽنگ جي ساراهه ڪئي ۽ قومي ڪرڪيٽر فخر زمان ۽ محمد رضوان جي سڍي بيٽنگ تي خوشي جو اظهار ڪيو.
هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ شاهد آفريدي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي سيريز لاءِ مون کي چيف سليڪٽر جون ذميواريون ڏيڻ تي پي سي بي جو ٿورائتو آهيان.
هن چيو ته اميد آهي ته پنهنجن دليراڻن فيصلن سبب مداحن جي اميدن تي پورو لٿو هوندس، مسدائين ڪنهن به مدد لاءِ حاضر رهندس.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here