ڏوڪريءَ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڪيترن ئي ڳوٺن جي هارين ۽ آبادگارن احتجاجي مظاهرو

0
207
Dokri

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڪيترن ئي ڳوٺن جي هارين ۽ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. سونهري ريگيوليٽر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڏوڪري تعلقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي هارين ۽ آبادگارن ڏوڪري پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج جي اڳوڻي ڪندڙ علي بخش ميتلو، نثار چنو، شاهنواز ٻگهيو، مبارڪ گاڏهي، رحمت ﷲ چنو، محمد بخش سومرو ۽ ٻين چيو ته سونهري ريگيوليٽر تي ڏوڪري تعلقي جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين آباد ٿيندي آهي، پر سونهري ريگيوليٽر ۾ مسلسل کوت سبب زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتي جي انجنيئر ۽ ٻين عملدارن جي نااهليءَ سبب ساريالي فصل جا ٻج سڙي رهيا آهن ۽ آبادگار ۽ هاري سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سونهري ريگيوليٽر ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ فوري طور تي پاڻي کوٽ جو مسئلو حل ڪري آبادگارن ۽ هارين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here