ڳوٺ دريا خان مڱريو مان اغوا ٿيل ناري تهمينا جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

0
284

ڏوڪري: ڏوڪري ڀرسان ڪجهه ڏينھن اڳ ڳوٺ دريا خان مڱريو مان اغوا ٿيل ناري تهمينا جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، وارثن جو احتجاج، ڏوڪري ڀرسان چار ڏينهن اڳ ڳوٺ دريا خان مڱريو مان 4 کان وڌيڪ هٿياربندن ناري تهمينہ مڱريو کي اغوا ڪري ويا هئا جنهن جو ڪيس ڏوڪري ٿاڻي تي شهمير مڱريو، محمد مٺل مڱريو ۽ صفر مڱريو ۽ هڪ نامعلوم تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو۔

ان ڏس ۾ ناري جي بازيابي لاءِ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناري جي وارثن پيء خادم مڱريو، امڙ امير زادي، رحيم مڱريو، لعل خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ناري جي وارثن وي اين ايس سان ڳالهائيندي چيو ته چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مک جوابدار شهمير مڱريو، صفر مڱريو ۽ لال ڏنو مڱريو گرفتار ناهي ڪري سگهي هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار لال ڏنو مڱريو اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي۔

هنن چيو ته لال ڏنو مڱريو ڪيس تان هٿن کڻڻ لاءِ حراسان ڪري رهيو آهي. هنن وزير اعلي سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ٿا ڪيون ته اغوا ٿيل ناري تهمينہ مڱريو کي جوابدارن کان بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔

ھوڏانھن ايس ايڇ او ڏوڪري عبدالرزاق ٽڳڙ وي اين ايس سان ڳالهائيندي چيو ته ناري جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون جلد ناري کي جوابدارن کان بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو۔ هن چيو ته ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪندي ناري جي اغوا ڪيس ۾ گهربل جوابدار محمد مٺل مڱريو گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي جلد ٻيا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here