ڏوڪري پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل ٽي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوا

0
276

ڏوڪري (قاضي فريد): تفصيل موجب ڏوڪري ايس ايڇ او عبدالرزاق ٽڳڙ سپاھين سميت گشت ڪري رهيو هو ته منشيات فروش گجن عرف گجو، ناري تھمينہ مڱريو جي اغوا ڪيس ۾ گهربل جوابدار محمد مٺل مگريو ۽ مبارڪ گاڏهي جي گهر مان چوري جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار رياض چانڊيو کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي۔ ان موقعي تي ايس ايڇ او عبدالرزاق ٽڳڙ وی این ایس سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري رهيا آهيون۔ مختلف ڪيسن ۾ گهربل ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ٽن ڏينهن جو ريمانڊ ورتو آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙ گجن عرف گجو، ناري تھمينہ مڱريو جي اغوا ۾ گهربل جوابدار محمد مٺل مڱريو ۽ چوري جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار رياض چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ 24 ڪلاڪ گشت ڪري رهيا آهيون۔ هن چيو ته ڪيس ۾ گهربل روپوش جوابدارن خلاف آپريشن ڪري رهيا آهيون جلد روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو۔.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here