سينيٽ چونڊن واري صورتحال ۾ پي ٽي آءِ بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي چُڪي آهي، نثار کھڙو

0
117
nisar khuhro

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جا ايوانن اندر سندن ميمبرن ۽ اتحادين جي مصنوعي اڪثريت وارا ڪارڊ هاڻي ڇڙوڇڙ ٿي رهيا آهن، سينيٽ چونڊن واري صورتحال ۾ وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي چُڪي آهي، پي ٽي آءِ جي رڌڻي ۾ رولو پئجي چڪو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ پي ٽي آءِ هاڻي وڌيڪ اقتدار ۾ به رهي نه سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو۔

ان موقعي تي خير محمد شيخ، شڪيل ميمڻ، سرفراز کوکر پڻ موجود هئا. نثار احمد کهڙو چيو ته سينيٽ چونڊون اوپن ووٽنگ تي ڪرائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم سپريم ڪورٽ نه پر صرف پارليمينٽ ئي ڪري سگهي ٿي پر پي ٽي آءِ وٽ ايوان ۾ آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت موجود ناهي ته پوءِ آئين جو مذاق اڏائڻ بند ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن ووٽ تي ڪرائڻ لاءِ پارليمينٽ کي باءِ پاس ڪري ريفرنس عدالت موڪليو جيڪو عمل عدالت تي دٻاءُ وجهڻ جي برابر آهي ۽ حڪومت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ عدالت پويان لڪي رهي آهي پر عدالت آئين تحت ئي فيصلو ڪندي آهي۔

هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ناهي ته پوءِ اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ ماحول جوڙي ۽ پوءِ پارليمينٽ ۾ ترميم پيش ڪري. هن چيو ته جهانگير ترين چارٽر جهاز سان گڏ وري عمران خان جي خدمت ڪرڻ لاءِ واپس آيو آهي پر ميمبر ضمير تحت پي ٽي آءِ اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ وزيراعظم ناراض ميمبرن کي راضي ڪرڻ لاءِ وري منڊي لڳائڻ ۾ رڌل آهي. هن چيو ته 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي جن ميمبرن ووٽ وڪڻيا ته پوءِ عمران خان انهن ميمبرن کي پارٽي ٽڪيٽ ڇو ڏني؟ انهن کي نااهل ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڇو نه ڪيو ويو؟ وزيراعظم جو اِهو ٻٽو معيار ظاهر ڪري ٿو ته هو ڌوکي باز آهي. هن چيو ته وزيراعظم پاران سينيٽ جون چونڊون ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿيڻ جي صورت ۾ اپوزيشن روئندي وارو بيان ثابت ڪري ٿو ته وزيراعظم سينيٽ ۾ سرڪاري وسيلا استعمال ڪري خريد و فروخت جي منڊي لڳائڻ چاهي ٿو۔

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي پاران پلوشه خان کي سنڌ مان سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ تي اعتراض بلاجواز آهن ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ ته ٻين جماعتن پاران راحيلا مگسي کي پنجاب مان ڪيئن چونڊرايو ويو. هن چيو ته اليڪشن رولز تحت ڪوئي به پنهنجو ووٽ ڪنهن به صوبي ۾ داخل ڪرائي سگهي ٿو ان ڪري اِهي اعتراض اجايا آهن ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي پاران سينيٽ جي ٻين اميدوارن جن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن انهن جي اڪثريت جو واسطو سنڌ سان آهي. هن چيو ته وزيراعظم پاران سنڌ اسان جو صوبو ناهي وارو بيان تعصب تي ٻڌل آهي ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ کي سنڌ جي عوام رد ڪيو ان ڪري وزيراعظم هاڻي سنڌ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔

هن چيو ته رياست مدينه جي دعويدارن جي حڪومت اڄ رياست يزيد جو تصور پيش ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن بجلي، پئٽرول، گيس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ روزمرهه جون شيون مهانگيون ڪري عوام جي کيسن تي 200 ارب روپين جو ڌاڙو هنيو پيو وڃي ۽ حڪومت مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ شين تي سبسڊي ڏيڻ بجاءِ آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي عمل ڪري عوام تي بار وجهي رهي آهي، هن چيو ته عوام جي مسئلن، مهانگائي ۽ ملڪ تي عذاب وانگر مڙهيل هن حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ 26 مارچ تي پي ڊي ايم پاران لانگ مارچ شروع ڪيو ويندو ۽ اِهو مارچ سنڌ مان شروع ٿيندو ۽ اسلام آباد طرف ويندو۔

هن چيو ته هر موڙ تي ناڪاميءَ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان کي اقتدار ڇڏڻ گهرجي ان ۾ سندس عزت ٿيندي ۽ عوام کي ٻيهر بهتر فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ جيڪا جماعت اڪثريت حاصل ڪري اُها ئي جماعت حڪومت ٺاهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شيخ رشيد پي ڊي ايم کي قانون نه سيکاري، اسان کي قانون جي خبر آهي، شيخ رشيد آمر ضياءُ الحق جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. هن چيو ته پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ ملازمن تي شيلنگ ڪري ان عمل کي ٽيسٽ ڪيس چوڻ شرم جوڳي ڳالهه آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here