قمبر:(رپورٽ قاضي نياز حسين)
قمبر – سنڌ حڪومت طرفان لاڪ ڊائون جي اعلان کان شهرين ۽ عوام هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، سڄو شهر معمول مطابق کليل رهيو، خبر موجب – سنڌ سرڪار طرفان 31 جولائي کان 8 آگسٽ تائين نوٽيفڪيشن جاري ڪري سنڌ جي سمورن شهرن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي حڪمن تي عمل نہ ٿي سگهيو، شهرين توڙي عام ماڻهو سرڪار جي اعلان کي ٻڌي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، سڄو شهر مڪمل طور معمول مطابق کليل رهيو، جنهن ڪپڙا مارڪيٽ، صرافہ مارڪيٽ، ريشم گلي، اناج منڊي، شوز مارڪيٽ سميت سمورو ڪاروبار مڪمل کليل ۽ ڪنهن بہ ماڻهو کي ماسڪ پاتل يا ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ پوليس يا ضلعي انتظاميا نظر نہ اچي رهي آهي۔