سڪرنڊ پوليس گشت دوران 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

0
167

سڪرنڊ ( رپورٽ : گل محمد ملاح)

سڪرنڊ پوليس گشت دوران سڪرنڊ ويجهو دينو شاه ڦاٽڪ ڀرسان 3 ڄڻن پٺاڻ پٽ مصري خاصخيلي، عبدالستار پٽ پٺاڻ خاصخيلي ۽ عبدالجبار پٽ پٺاڻ خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي . سڪرنڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او وسيم مرزا ۽ وڏي منشي عارف کوسو ميڊيا کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سڪرنڊ ڀرسان دينو شاه ڦاٽڪ وٽ مٿيان ٽئي ماڻھو ڏوھ ڪرڻ جي ارادي سان بيٺل هئا ته سڪرنڊ پوليس معمول جي گشت دوران دينو شاه ڦاٽڪ وٽان کين گرفتار ڪري ورتو ۽ ھنن وٽان 30 بور جو بنا لائسنس پسٽل ۽ ٻه عدد ميگزين هٿ ڪري ورتا. جيئن ته سڪرنڊ ٿاڻي تي ٽنهي ڄڻن مٿان ايف آء آر 154/2021 ۽ 156/2021 درج ڪئي وئي آهي ۽ پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here