عوامي تحريڪ سنڌ حڪومت جي ڪاروجهر جي ڪٽائي واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

0
252

مٺي: عبدالرحمان جوڻيجو

مٺي عوامي تحريڪ سنڌ حڪومت جي ڪاروجهر جي ڪٽائي واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو, ڪارونجهر بچائڻ لاء ٻيٽن جيان ڀرڀور احتجاج جو چتاء۔ اهڙو اظهار عوامي تحريڪ ڳواڻڻ پارٽي پاران ڪوٺايل هنگامي اجلاس ۾ ڪيو۔

عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جو هنگامي اجلاس ضلعي صدر اوڀايو جوڻيجو جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پارٽي جي ضلعي ڪميٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ پ پ حڪومت جي اهڙي تاريخ دشمن فيصلي تي سخت مزمت ڪري گهر ڪئي ويئي ته ڪاروجهر جي ڪٽائي وارو فيصلو فورن واپس ورتو وڃي نه ٻي صورت سنڌ گير احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو۔

اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت جي اهڙي فيصلي تي ٿر جي سڄاڻ حلقن ۾ سخت ڪاوڙ ڇانيل آھي جيڪا ڀرڀور مزاحمتي تحريڪ جو روپ وٺي سگهي ٿي۔ عوامي تحريڪ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر هڪ تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ آھي جنهن کي ڪٽي تاريخ ۽ ثقافت سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي۔

ڪارونجهر جبل کي به کير ٿر جيان نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي۔ ڪارونجهر به اهم سياحتي مرڪز آھي جتي هر سال لکين سياح گهمڻ اچن ٿا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here