مٺي: (رپورٽ چمن سنگھ ٺاڪر) مٺي شهر جي مهاراج پاڙي ۾ مبينا عورت جي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ تي شهرين جو اوباش نوجوان کي ڪٽڪو، ملاڻي هائوس تي پهچائڻ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو،ايس ايڇ او مٺي ماجد ڪي ڪي پاران اوباش نوجوان کي ٿاڻي تي پهچائڻ مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو، صحافين کي اندر وڃڻ نه ڏنو ويو، نوجوان کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، اوباش نوجوان مهاراج پاڙي ۾ عورت سان ڇيڙ ڇار ڪئي ته شهري جي هجوم پڪڙي ورتو، نوجوان جو تعلق مهيشوري برادري سان ٻڌايو وڃي ٿو۔