وارھ ۾ تايخي قبرستان حاجي سليمان تي قبضي خلاف احتجاج

0
191

قاضي مظفر

وارھ : وارھ ۾ تايخي قبرستان حاجي سليمان تي قبضي خلاف شھر جي سماجي اڳواڻن سرائي آفتاب کهاوڙ، سني ڪاڪي پوٽو، پرائمري استاد احمد خان ڇٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وارھ پريس ڪلب اڳيان 20 هين ڏينهن به احتجاج ڪري بک هڙتال ڪئي۔

ان موقعي تي قبضا خورن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڳالهائيندي مٿين اڳواڻن چيو ته احتجاج کي ويھ ڏينهن ٿي ويا آھن پر ڪنهن چونڊيل نمائندي رابطو ئي نه ڪيو آھي نه قبرستان تان قبضو ختم ڪرايو آھي هنن چتاءُ ڏنو ته قبرستان تان قبضا ختم نه ٿيا ته ايندڙ ڏينهن ۾ چونڊيل نمائندن خلاف روڊن تي نڪري اينداسين۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here