نیشنل بئنڪ سوڀو ديرو جي عملي خلاف ڏوڪري ۾ ڳوٺ بٺ جي رهواسين جو احتجاج

0
173

ڏوڪري

نیشنل بئنڪ سوڀو ديرو جي عملي خلاف ڏوڪري ۾ ڳوٺ بٺ جي رهواسين جو احتجاج، ڳوٺ بٺ خير محمد آريجا جي رهواسين راشد علي پنهور، عبدالرحيم پنهور، نثار علي پنهور سوڀو ديرو نشنل بئنڪ عملي خلاف ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو۔

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 28/11/2017 تي نشنل بئنڪ سوڀو ديرو ۾ 14 ٽولا سونو جنهن جي ان ٽائيم ماليت 270000 رکيو ته بئنڪ مان اسان کي 195000 روپيا قرض مليو۔

هنن چيو ته بئنڪ عملدارن هلندڙ سال جي فيبروري مهيني ۾ قرض کي رينيون ڪري 32 هزار روپيا ڏنا هئا. هنن چيو ته بئنڪ مان کنيل قرض جون سموريون قسطون جمع ڪرائي ڇڏيون ۽ 25/05/2020 تي بئنڪ ۾ سون آزاد ڪرائڻ لاءِ وياسين ته نشنل بئنڪ جي مئنيجر چيو ته توهان جو سون اسان وٽ ناهي۔ هنن چيو ته مئنيجر کي ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ چيو ته بئنڪ مئنيجر چيو ته توهان جو سون اڪائونٽ 14/05/2020 تي ٻئي کي ڏئي ڇڏيو آهي۔

هنن چيو ته بئنڪ مئنيجر سون واپس ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت گهري پر هن وقت تائين سون واپس ناهي ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته نشنل بئنڪ سوڀو ديرو جي عملي سون واپس نه ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪائينداسين۔

هنن وزيراعظم عمران خان، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، اسٽنٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته نشنل بئنڪ سوڀو ديرو جي عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي سون واپس ڪرائي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here