ڏوڪري ۾ قبضا مافيا ٻيھر سرگرم

0
276

ڏوڪري : رپورٽ قاضي فريد
ڏوڪري ۾ قبضا مافيا سرگرم، سال اڳ ڇڏايل قبضن تي بااثر ماڻهن جو ٻيهر قبضو، ڊي سي لاڙڪاڻو جي حڪم تي عمل نه ٿيو، قبضن واري هنڌن تي اڏاوتون جاري، ٽريڪٽرن ذريعي مٽي وجهرائڻ وارو ڪم ڏينهن رات هلندڙ، انتظاميا گم، ساڃاهه وند ڌرين ۾ تاء، قبضا ختم ڪرائن جي گهر۔

تفصيل موجب ڏوڪري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر قبضا مافيا سرگرم ٿي وئي آهي انتظاميا جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪري اڏاوتون ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي ان ڏس ۾ هٿ ڪيل معلومات موجب ڏوڪري واپڊا آفيس ڀرسان باء پاس وٽ سال اڳ قبضا ڇڏايل هنڌ تي بااثر ماڻهن ٻيهر 5 جريب کان وڌيڪ پلاٽ تي قبضو ڪري اڏاوتون ڪرائڻ وارو ڪم جاري آهي ان ڏس ۾ ڊي سي لاڙڪاڻو نعمان صديق قبضن جو نوٽيس وٺندي ڏوڪري انتظاميا کي قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو ڏوڪري انتظاميا 10 ڏينهن تائين ڪم بند ڪرايو هو هاڻي ٻيهر با اثر قبضا گيرن ڪم شروع ڪري ڏنو آهي۔

قبضن واري هنڌ تي ٽريڪٽرن جي ذريعي ڏينهن رات مٽي وجهرائي رهيا آهن پر ڏوڪري انتظاميا ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي۔ قبضا ڪري اڏاوتون ڪرائڻ واري عمل تي هتان جي ساڃاهه وند ڌرين ۾ تاء پکڙجي ويو آهي ان سلسلي ۾ رُڪ سنڌي، غلام شبير، ٻين چيو آهي ته ڏوڪري ۾ قبضا مافيا پاران ڪوڙا ريڪارڊ ٺهرائي سرعام سرڪاري زمين تي قبضو ڪري اڏاوتون ڪرائڻ جو سلسلو جاري انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، اسان لاڙڪاڻي جي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته سرڪاري ملڪيت تي قبضا ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اڏاوتون ختم ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here