ڏوڪري: (قاضي فريد) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن جي چانڊيا پاڙي ۾ رات دير سان مبينا 2 هٿياربند پورهيت فيض محمد لاشاري جي گهر ۾ داخل ٿي سندس گهر واري مسمات رفيا لاشاري کي پسٽل جا فائر ڪري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي سيهڙ پوليس مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو آهي رابطو ڪرڻ تي سيهڙ پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول عورت کي گهر ۾ نامعلوم هٿياربندن پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪيو آهي وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون. عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته رات دير سان 2 نامعلوم هٿياربندن سندن گهر ۾ داخل ٿيا ۽ اسان جي عورت مٿان پسٽل جا فائر ڪري گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن