ڏوڪري جي ڳوٺ ڏيرا پاڙي ۾ پوليس چڙهائي، ڀڃ ڊاهه، هڪ ڄڻو گرفتار

0
165

ڏوڪري

ڏوڪري جي ڳوٺ ڏيرا پاڙي ۾ پوليس چڙهائي، ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي،هڪ ڄڻو گرفتار تفصيل موجب مهينو اڳ ڏوڪري جي ٿهيم پاڙي جي رهواسڻ ناهيد ٿهيم ۽ اعتبار ڏيرو گهران نڪري ڪراچي جي عدالت ۾ جو پيار ڪيو هو جنهن بعد ناري جي وارث پاران ڏوڪري ٿاڻي تي اعتبار ڏيرو ۽ ٻين خلاف ناري ناهيد ٿهيم کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي گذريل ڏينهن پوليس نوجوان اعتبار ڏيرو جي گهرن ۾ گهڙي مبينا ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي ۽ هڪ ڄڻي اعتبار ڏيرو جي ڀاءُ علي ڏنو ڏيرو کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي۔

هوڏانهن پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ناهيد زال اعتبار علي ڏيرو هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته هنن ڪراچي جي ڪورٽ ۾ اعتبار ڏيرو سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنهن کان پوءِ سندس وارث سندن جان جا ويري بڻجي ويا آهن هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته منهنجا وارث منهنجي مڙس ۽ سندس ڀائرن کي اغوا جي ڪوڙڻ ڪيسن ۾ ڦاسائي رھيا آھن۔

ھن وڌيڪ چيو ته پيار جو پرڻو ڪرڻ کان پوءِ اسان در بدر واري زندگي گذاري رهيا آهيون اسان تحفظ لاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو آهي ڪورٽ سڳوري اهڙا نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن پوءِ به ڏوڪري ٿاڻي جو ايس ايڇ او حضور بخش جوڻيجو ٿهيم برادري کان ڳري رشوت وٺي اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي ۽ اسان جي نوجوان علي ڏنو ڏيرو کي گرفتار ڪري کنڀي کڻي ويا آهن اسان ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here