وارھ تعلقي جي تاريخي قبرستانن تي ٿيندڙ قبضن ۽ انهن کي چوديواري نہ هجڻ خلاف ڌرڻو

0
175

وارھ : مظفر قاضي

وارھ تعلقي جي تاريخي قبرستانن تي ٿيندڙ قبضن ۽ انهن کي چوديواري نہ هجڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن طرفان نائين ڏينهن بہ وارھ پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي نٽھڻ اس ۾ شھيد فاضل راهو چوڪ تي ڌُرڻو هنيو ويو، قبضا مافيا خلاف سخت نعريبازي، ان موقعي تي اڳواڻن وڪيل اياز سرائي بلاول کهاوڙ ، جبران ڇٽو، آفتاب کهاوڙ، وزير خاصخيلي، عبدالنبي چانڊيو، جڪال ڪلهوڙو، سني ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو تہ حاجي سليمان قبرستان جي 47 ايڪڙ زمين تي علائقي جي بااثر قبضو ڪيو آھي جنهن جي زمين هُو وڪرو ڪري رهيو آھي، ان سان گڏوگڏ ٻين تاريخي قبرستانن بشارت ڪلهوڙو، شيخن جو مقام، هندن جو مسڻ، گل شاھ، معصومن جو مقام، غازي خان مرکنڊ جي قبرستانن جي چوديواري نہ هجڻ ڪري علائقي جي بااثرن قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن، جنهن جو ڪو بہ بالا آفيسر نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نہ آھي، اسين سي ايم سنڌ، ڊي سي قمبر، پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ اعليٰ عملدارن کي اپيل ٿا ڪيون تہ قبرستانن تي قبضا ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري، قبضا ختم ڪرائي قبرستانن کي چوديواري ڏياري وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here