مهينو اڳ اناج جي مشهور واپاري يونس لاشاري کان سٽي ٿاڻي جي سامهون هٿياربند 5 لک رپيا ڦر ڪرڻ جا جوابدار گرفتار نہ ڪرڻ خلاف مظاهرو

0
145

قمبر: (رپورٽ قاضي نياز حسين)

قمبر- مان هڪ مهينو اڳ اناج جي مشهور واپاري يونس لاشاري کان سٽي ٿاڻي جي سامهون هٿياربند 5 لک رپيا ڦر ڪرڻ جا جوابدار گرفتار نہ ڪرڻ ۽ رقم واپس نہ ٿيڻ خلاف ٻئي ڏينهن بہ شهيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب اڳيان آزاد گل نور سولنگي عبدالنبي چانڊيو، صلاح لاشاري، فيضل، عبيدﷲ ،عابد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو تہ هڪ مهينو گذري وڃڻ جي باوجود 4 جوابدارن مان 2 جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي جڏهن تہ اسين سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ پوليس کي ڏنا آهن، جنهن ۾ جوابدار واضع نموني نظر اچي رهيا آهن، جڏهن تہ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي باوجود ڦر ٿيل رقم واپس ناهي ڪئي وئي، جيڪو اسان سان سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي، اسين آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ٿا ڪريون تہ ايس ايڇ او قمبر سٽي جي سستي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here