ڪوٽڙي: ميونسپل ٻولهاڙي جي ڪروڙين روپيه جي بجٽ باوجود رهواسي ڪراچي واه جو گندگي وارو پاڻي 1500 کان 2000 روپين ۾ ٽينڪرن ذريعن خريد ڪري پيئڻ تي مجبور

0
173

ڪوٽڙي ( رپورٽ : محمد اظھر رند )

سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي جيڪا 12 وارڊن تي مشتمل آھي جنهن ۾ ٻه جي لڳ ڀڳ آبادي پڻ آھي ھتان جارهواسي هن جديد دور ۾ به پيئڻ جي پاڻي جهڙي نعمت کان محروم آھن ميونسپل ٻولهاڙي جي ڪروڙين روپيه جي بجٽ هئڻ باوجود هتان جا رهواسي ڪراچي واه جو گندگي وارو پاڻي 1500کان 2000 روپين ۾ ٽينڪرن ذريعن خريد ڪري پيئڻ تي مجبور آھن ۽ پاڻي فلٽر پلانٽ ناڪارھ بڻيل آهن جڏهن ته پاڻي جي مسئلي تي لاپاڳپيل انتظاميه خلاف مختلف وقتن تي مختلف سياسي سماجي قومپرست پارٽي جي اڳواڻن سول سوسائيٽ سميت مخلتف سماجي تنظمين پاران احتجاجي مظاهرو تحريڪون ۾ به هلائيون ويون آهن پرانتظاميه پاران روايتي طريقو برقرار رکندي احتجاج واري هنڌ پهچي پاڻي جي مسئلي جي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ويندي آهي جيڪا صرف خاطري تائين محدود هوندي آھي جنهن جو تدارڪ نه ٿي سگھيو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here