پي پي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ طرفان وفاقي حڪومت پاران ڪراچي جي اختيارن مٿان ڌاڙي خلاف قمبر ۾ ڌرڻو هڻي احتجاج

0
204

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر پ پ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ طرفان وفاقي حڪومت جي ڪراچي جي اختيارن مٿان ڌاڙي خلاف قمبر جي ڀٽو چونڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪندي وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي جي اڳواڻي پ پ ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو، ،پ پ ضلعي صدر قمر الدين گوپانگ، جنرل سيڪريٽري پنهل سومرو، پ پ تعلقہ صدر شاھ غازي مغيري جنرل سيڪريٽري اعجاز علي شيخ انفارميشن سيڪريٽري مخيب ٺٽو. پ پ سٽي صدر لياقت گوپانگ، ڊاڪٽر اقبال يوسف بروهي، نياز چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا۔

ان موقعي تي اڳواڻن وي اين ايس سان ڳالهائيندي چيو ته تبديلي سرڪار خد ناڪام ٿي چڪي آهي، کنڊ اٽي ۽ پئٽرول جي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ سندس رڳو سنڌ حڪومت مٿان به جاءِ تنقيد ۽ سندس اختيارين ۾ ٽنگ اٽڪائڻ ئي نيازي سرڪار جو مشغلو بڻيل آهي، وفاقي سرڪار پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ ڪراچي جي معاملي تي سياست ڪري پئي کيس خيبرپختونخواه ۽ پنجاب طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي اتان جون صوبائي حڪومتن به لڏ لم جون شڪار آهن۔

سنڌ حڪومت سدائين سنڌ جي عوام جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ ڪراچي ڪروڙين سنڌين جي ساھ ۾ سمايل آهي، ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي هنن وڌيڪ چيو ته 18 ترميم کانپوءِ صوبائي خودمختياري ۾ جيڪي واڌارو ٿيو آهي ان مطابق وفاقي سرڪار صرف صوبن کي صلاح مشورا ڏئي سگهي ٿو انهن جي اختيارن کي محدود نه ٿو ڪري سگهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here