ڏوڪري نيشنل بئنڪ مئنيجر خلاف، تعليم کاتي جي ملازمن جو احتجاج، ھر مھيني پگهار مان ڪٽوتي ڪرڻ جو الزام

0
124

ڏوڪري: ڏوڪري نيشنل بئنڪ مئنيجر خلاف، تعليم کاتي جي ملازمن جو احتجاج، ھر مھيني پگهار مان ڪٽوتي ڪرڻ جو الزام گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ڌڻي بخش کوکر ۾ ڊيوٽي ڪندڙ الطاف حسین ٻگهيو، لوئر اسٽاف ڏوڪري جي صدر عبدالغني ٿھيم، سابقہ صدر لوئر اسٽاف باقراڻي مينهل جيسر ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي هنن چيو ته نيشنل بئنڪ ڏوڪري طرفان ملازمن جي ھر مھيني ايندڙ پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري تعليم کاتي جا ملازم مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن،لوئر اسٽاف جي ملازم الطاف حسين ٻگهئي چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان منهنجي پگهار مان ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي جنھن جي دانهن مئنيجر کي ڏيندو رهيو آهيان، پر مئنيجر دڙڪا ڏئي آفيس مان ڪڍي ڇڏيو۔

ھن چيو ته ماھ رمضان جي عيد کان پهريون ھر کاتي جي ملازم کي عيد جون پگهارون ڏنيون ويون پر ھن وقت تائين پگهار ناهي ڏني وئي، مون چيف مئنيجر اسٽيٽ بئنڪ سکر کي درخواست ڪئي آهي پر ڪوبه عمل ناهي ٿي سگهيو، پگهار نه ملڻ ڪري ٻچا بک تي آهن.ھن چيو ته ڏوڪري نيشنل بئنڪ ڪرپشن جو گڙھ بڻجي وئي آهي، جتي ھزارين ملازمن جي ماهوار ايندڙ پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي ۽ وقت سر پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن،مختلف وقتن تي احتجاج پڻ ٿيندا رهيا آهن پر ھن وقت تائين ڪو به کڙتيل ناهي نڪري سگهيو. ھن چيو ته ھر مھيني جي پهرين تاريخن تي بئنڪ عملي جي ملي ڀڳت سان ايجنٽ مافيا سرگرم ٿي وڃن جنهن ڪري عام ملازم وقت تي پگهارون وٺي نٿا سگهن.اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن کي وقت سر پگهار ملي وڃي ٿي پر ننڍڙا ملازم دربدر آهن. ھن چيو ته ڏوڪري بئنڪ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي انڪوائري ڪري بئنڪ مئنيجر ۽ عملي خلاف قانوني قدم کنيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here