ڏوڪريءَ ۾ تعلقہ بار ايسوسيئيشن ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ

0
254

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ تعلقہ بار ايسوسيئيشن ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ وڏي انگ ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ صدر ايڊوڪيٽ بشير احمد جوڻيجي، نائب صدر ايڊووڪيٽ امداد جويو، ايڊووڪيٽ عبدالوحید راجپوت، ايڊووڪيٽ سراج احمد سومرو، آصف علي سنديلو،ايڊووڪيٽ ديدار علي قاضي، ايڊووڪيٽ مولابخش ڪولاچي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ميٽنگ ۾ يڪراء سان چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاڳاپيل کاتي کان گهر ڪئي وئي ت ڏوڪري ۾ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ، سينئر سول ڪورٽ ۽ جوڊيشل ڪامپليڪس ٺاھي ڏنو وڃي، ان موقعي تي ھنن ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري ۾ قائم جوڊيشل ڪورٽ ڪافي عرصي کان ايريگيشن جي بلڊنگ ۾ ھلندڙ آهي جيڪا زبون حال ٿي وئي آهي ۽ ھميشہ خطري ھيٺ آهيون ۽ ڪورٽ کي ڪو به در نہ ئي ڪا بائونڊري وال آهي جنهن ڪري ڪافي ڏکيائيون در پيش آھن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here