گسٽا جي سڏ تي ڏوڪري ۾ ٽئين ڏينھن بہ مظاھرو

0
167

ڏوڪري

گسٽا جي سڏ تي ڏوڪري ۾ ٽئين ڏينھن بہ گسٽا يونٽ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ ڊپٽي ڊي او سيڪنڊري ۽ ڊي او پرائمري انيس جلباڻيءَ کي ھٽائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ گسٽا صدر نثار احمد سولنگي، قاضي عقيل احمد، قاضي رحيم بخش، علي محمد پٺاڻ، قاضي راشد، محمد ياسين ڪنڀر، عبدالغفور زھراڻيءَ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ موڪل بعد هٿن ۾ پئنافليڪس کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو۔

جنھن ۾ سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ انيس جلباڻي 18هين گريڊ جو جونيئر آفيسر آهي جنهن کي 19 گريڊ جي اهم پوسٽ تي مقرر ڪري قانون ۽ قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، هنن چيو تہ انيس جلباڻي هڪ نا اهل ۽ جڳ مشهور راشي ۽ تعليم دشمن آفيسر آهي۔

هنن اعلي اختيارين کان گھر ڪئي تہ نا اھل ڪرپٽ جڳ مشھور راشي ڊپٽي ڊي اي او سيڪنڊري ۽ جونيئر ڊي اي او پرائمري لاڙڪاڻو انيس جلباڻي کي جلد کان جلد ھٽائي 19 گريڊ جو فل فليج ڊي اي او مقرر ڪيو وڃي ۽ استاد برادري مان بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here