ڏوڪري: قاضي فريد
تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ دائود ڪانڌڙو جو رهواسي 17 سالا نوجوان رشيد ڪانڌڙو زرعي زمين تي رونبو ڪرڻ دوران ڪريل بجلي جي يارهين هزار تار ۾ وچڙي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان کي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال آندو ويو۔ هوڏانهن فوتي نوجوان جي وارثن ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان سيپڪو راڌڻ جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي فوتي نوجوان جي مامي زاهد حسين ڪانڌڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 20 ڏينهن کان بجلي جي يارهين هزار تار اسان جي زمين ۾ ڪريل آهي اسان سيپڪو راڌڻ جي عملدارن کي شڪايتون ڪيون پر اسان جي شڪايتن کي نظرانداز ڪندا رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته شام 4 بجي اسان جو نوجوان رشيد ڪانڌڙو زمين تي رونبو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته بجلي جي ڪريل يارهين هزار تار ۾ وچڙي فوت ٿي ويو. هن سيپڪو جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير راڌڻ ۾ سيپڪو عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري زمين مان ڪريل يارهين هزار تار هٽائي وٺي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔