ڳوٺ هريار ۾ متاثر ڀيل برادري جي ماڻھن سان ڏيڍ مهيني کان انصاف نه ٿيڻ خلاف بي آءِ ايف جي سڏ تي ھزارين ماڻھن جو پيادل مارچ

0
246

(رپورٽ جنيد آزاد)
ٿر جي ڳوٺ مالڻھورخانجي ۽ ڳوٺ هريار ۾ متاثر ڀيل برادري جي ماڻھن سان ڏيڍ مهيني کان انصاف نه ٿيڻ خلاف بي آ۽ ايف جي سڏ تي مرڪزي صدر سوروڀيل,وڪيل لجپت سوراڻي، وڪيل لالا ڀيل، وڪيل ڀورالال ڀيل، رڻشال ڪولهي، گومون ڀيل، رانجهن ڀيل جي اڳواڻي ۾ مٺي ۾ هزارين ماڻھن جو ڊگري ڪاليج مٺي کان ڦانگهاريو چيڪ پوسٽ تائين ڇھ ڪلو ميٽر پيادل مارچ۔

متاثر ماڻھن سان انصاف ۾ رڪاوٽ بڻيل پ پ ايم پي اي راڻا هميرسنگھ ۽ ٻين پ پ جي چونڊيل نمائيندن ۽ ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعري بازي، ڦانگهاريو چيڪ پوسٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ٽو مٺي مين روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب سوين گاڏويون بيهجي ويون، مسافر عوام سخت پريشان، واضع رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ ۾ ڳوٺ مالڻھورخانجي ۾ ڊي سي آفيس ٿرپارڪر جي ڪلارڪ نرسنگھ ٺڪر ۽ تپيدار لڇمڻ سنگھ ٺڪر جي چرچ تي اي سي مٺي روينيو ٽيم سان گڏجي ڀيل برادري جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا هئا ۽ بااثرن جي چرچ تي روينيو عملدارن متاثر ڳوٺاڻن ۽ بي آ۽ ايف جي مرڪزي صدر سوروڀيل تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو ۽ بااثر ٺڪرن پاران سرڪاري زمين تي ساوا وڻ وڍي ڀيل برادري تي الزام مڙھيا هئا۔

ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ ڳوٺ هريار ۾ نياڻي نصيبان ڀيل سان بااثر ڏجو سنگھ ٺڪر پاران زيادتي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن تي متاثر ماڻھن احتجاج به ڪيو هو پر پوليس جوابدار تي ڪيس داخل نه ڪيو ۽ رشوت عيوض جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو، ان کان سوا۽ ڀيل برادري جي مختلف ڳوٺن ۾ ڀيل برادري جي ماڻھن سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن پر ضلعي انتظاميه پ پ جي نمائيندن جي ونگاري بڻجي متاثر ماڻھن سان تدارڪ نه ڪري سگهي آھي۔ ٿر ۾ انصافين ۽ ٻٽي قانون خلاف ٿر جا هزرين پورهيت ماڻھن جو احتجاج، اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ٿر ۾ ڀيل برادري جي ماڻھن سان هڪ سازش تحت ظلم ڪيو پيو وڃي، اسان جي برادري جي ماڻھن جو ڏوھ صرف اهو آھي ته گذريل اليڪشن ۾ ڀيل برادري جي ماڻھن اسان آزاد اميدوارن کي ووٽ ڏنا هئا۔

گذريل اليڪشن کان پو۽ ٿر ۾ انتقامي ڪارويون عروج تي آھن ڪڏھن اسان جي برادري جي ماڻھن جا گهر ڊاهيا پيا وڃن ته ڪڏھن برادري جي ماڻھن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، هتي مختلف بهانن سان اسان جي پورهيت ماڻھن کي تنگ ڪيو پيو وڃي پر ڊي سي ٿرپارڪر ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر انصاف ڪرڻ جي بدران متاثر ماڻھن تي ڪوڙا ڪيس داخل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن۔ متاثر ماڻھن ڏيڍ مهيني کان سراپا احتجاج بڻيل آھن پر سنڌ حڪومت نوٽيس وٺڻ لا۽ تيار ناهي، ٿر ۾ پ پ جا چونڊيل نمائيندا پ پ جي منشور جي ابتڙ ڪم ڪري رهيا آھن۔

هتي ٿر ۾ روٽي ڪپڙا ۽ مڪان ڏيڻ جي بدران اهي شيون ٿرين کان کسيون پيون وڃن، پ پ جي ايم پي اي راڻا هميرسنگھ سميت ٻين نمائيندن جي مداخلت سبب ڊي سي ٿرپارڪر انصاف نٿو ڪري ۽ ڪيترائي دفعا انصاف جون خاطريون ڪري پنهنجي واعدن تان ڦري وڃي ٿو، اسان چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس ها۽ ڪورٽ سنڌ، وزيراعلي سنڌ، گورنر سنڌ، آ۽ جي سنڌ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪيون ٿا ته ٿر ۾ مسڪين ماڻھن سان ناانصافين جو فورن نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن ۽ اسان جو پنهنجن حقن جي لا۽ ڌرڻو انصاف نه ملڻ تائين مسلسل جاري رهندو۔

ڌرڻي مسلسل جاري رهيو، ڊي سي ٿرپارڪر پاران ايس ايس پي ٿرپارڪر کي ڌرڻي ۾ موڪلي ڳالهيون ڪيون، ضلعي انتظاميه پاران سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو، بي آ۽ ايف اڳواڻن پاران مسئلا حل ڪرڻ جو لکت ۾ ڏيڻ جي شرط تي ڌرڻو ختم ڪيو ويندو۔ اڳواڻن مطالبو ھيو ته ضلعي انتظاميه جيستائين مسئلا حل ڪرڻ جو لکت ۾ نٿي ڏيئي تيستائين ڌرڻو مسلسل جاري رهندو ان ڏس ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر جي سربراھي ۾ بي آء ايف پاران چار ماڻھن تي ڪاميٽي جوڙي ڊي سي ٿرپارڪر وٽ ڳالھين لاء راضي ڪري ورتو جنھن بعد ايس ايس پي ۽ ڊي سي ٿرپارڪر ڪميٽي سان ڳالھيون ڪري راضي ڪري ورتو ۽ ٿوري دير بعد رات جو اٺين وڳي تائين ايس ايس پي ۽ جوڙيل ڪميٽي ڌرڻي واري ھند پھچي ڌرڻي کي خطاب ڪري انصاف ٿيڻ جي خاطري ڏيرائي ۽ چيو ويو ته جمعي واري ڏينھن ڳالھيون ڪيون وينديون جنھن بعد اوھان جا مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ سڀاڻي ايس ايس پي مٺي ڳوٺ ھريار ۾ سر زمين وزٽ ڪري ڏوھاري خلاف ڪاروائي ڪندو جنھن بعد وڪيل لجپت سوراڻي، سوسرو مل ڀيل، گومون مل ڀيل ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪري ختم ڪرايو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here