ڏوڪري رپورٽ: قاضي فريد
ڏوڪري ۾ جشن آزادي جي مناسبت ڏوڪري ڪرڪيٽ بورڊ طرفان آزادي ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي فائنل ۾ نور مصطفیٰ ھيروز طرفان سنڌي فائيٽرز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪپ پنھنجي نالي ڪري ورتو۔ ڊي سي بي جي ميزباني هيٺ ڏوڪري جي 10 ٽيمن حصو ورتو، سيريز ۾ 577 رنسون ڪرڻ تي وسيم ميراڻي کي مين آف دي سيريز ۽ فراز ٻگھيو کي فائينل ۾ ھيٽرڪ ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو۔
ان موقعي تي مھمان خاص ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو، زبير منگي، قاضي فريد احمد، نور احمد خاصخيلي، محسن عالماڻي ۽ ٻين نور مصطفیٰ ھيروز جي ڪپتان وسيم ميراڻي کي ڪپ، 40 ھزار روپيا ۽ 2 ڪوڪونٽ بيٽس ۽ رنر ٽيم سنڌي فائيٽرز جي ڪپتان کي ڪپ ۽ 15 ھزار روپيا انعام ڏنو۔ ان موقعي تي ڏوڪري ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رياض جوڻيجو ۽ وائيس چيئرمين رياض لغاري چيو ته ڏوڪري تعلقي جي رانديگرن ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ آھي، پر ٻين صوبن جي رانديگرن جيان سھولتون نه ھئڻ ڪري نوجوانن کي اڳتي اچڻ جو موقعو فراهم نه پيو ٿئي۔
ھنن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ لاڙڪاڻو ڪرڪيٽ ايسوسئيشن جي عهديدارن کان مطالبو ڪيو ته ڏوڪري تعلقي جي نوجوان رانديگرن کي سھولتن فراھم ڪري کين ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڪمينٽري جا فرائض فياض حسين جوڻيجو، غلام نبي جوڻيجو نڀايا جڏھن آرگنائيزر نصير رانجھاڻي، رحمت ٿھيم، مشتاق جوڻيجو، نعيم کونھارو، منير ميمڻ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي۔