وارھ رپورٽ: قاضي مظفر
وارھ شھري اتحاد جي سڏ شھر ۾ بنيادي سهولتن گئس، بجلي، صفائي، روشني، واٽر سپلاءِ ۽ صحت جهڙين سهولتن جي کوٽ، هٿرادو لوڊشيڊنگ، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، ڪيميڪل جي کير، نقلي شين جي وڪرو، زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ شھر ۾ نادرا جي آفيس نہ هجڻ ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج مظاهرو ڪيو ويو ”ڏيو ڏيو بنيادي سهولتون ڏيو جا نعرا“ ان موقعي اڳواڻن مولوي محمد صديق مڱڻيجو، وڪيل اياز علي کهاوڙ، عبدالرشيد لطيفي لاشاري، جبران ڇٽو، سيف سومرو، الاهي بخش سومرو، صدام سومرو، بشير لطيفي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ وارھ شھر ۾ ڪابہ بنيادي سهولت ميسر نہ آھي۔
شھري صحت، صفائي، روشني، واٽر سپلاءِ توڙي ٻين بنيادي سهولتن کان مڪمل طور تي وانجهيل آھيون، شھرين تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھن، شھر ۾ نادرا جي سهولت نہ هجڻ ڪري تعلقي وارھ جا رهواسي ٻين شھرن قمبر توڙي نصيرآباد وڃڻ تي مجبور آھن، تعلقي ۾ اڪثر تعلقہ ليول جون آفيسن کي تالا لڳل آھن، آفيسر گهر ويٺي پگهارون کائي رهيا آھن، تعلقہ اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آھي، شھر ۾ نقلي دوائون ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان سرعام وڪرو ٿي رهيو آھي، بجلي ۽ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب اسان جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي، شھر جي هوٽلن تي سرعام ڪيميل وارو کير وڪرو ٿي رهيو آھي، انتظاميہ اگهور ننڊ ستل آھي، ڪوبہ نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نہ آھي، اسين پ پ ايم پي اي، ايم اين اي وس وارن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون تہ شھر جي مڙني مسئلن کي حل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔