ڏوڪري ۾ پ پ تعلقي ڏوڪري جي اهم گڏجاڻي تعلقي صدر منير احمد سوهو، جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي، انفارميشن سيڪريٽري محمد جمن ٻگهيو، سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو جي صدارت هيٺ ٿي گذري۔
گڏجاڻي ۾ تعلقي جي سمورن يونين ڪائونسل جي عهديدارن غلام رسول عرف استاد لڪي ڍڪڻ، شهمير علي ميراڻي، رياض حسين ڀٽو، نثار احمد جتوئي، الطاف حسین خاصخيلي، منظور کوکر، ﷲ وسايو کوکر، حبيب ﷲ عالماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گڏجاڻي کي تعلقي صدر منير احمد سوهو، تعلقي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي، سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، محمد جمن ٻگهيو خطاب ڪندي چيو ته 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ڪئي آهي۔
هنن چيو ته تعلقي ڏوڪري جا ڪارڪنن ۽ عهديدار 27 ڊسمبر جي ڏهاڙي تي ڀرپور شرڪت ڪري شهيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪندا، هنن چيو ته پارٽي قيادت لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي پارٽي جي قيادت جي اعلان کي لبيڪ ڪيون ٿا ۽ اسلام آباد لانگ مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين، هنن چيو ته لانگ مارچ نيازي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو. هنن چيو ته موجوده حڪومت کي برطرف ڪرڻ لاءِ قوم بهترين ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جلد نيازي حڪومت مان عوام کي ڇوٽڪارو ملندو۔