ڏوڪري تعلقي ۾ جانورن جون اڪثر اسپتالون بند تعلقي جا مالوند ڀاڳيا مونجھاري جو شڪار

0
174

ڏوڪري: ڏوڪري تعلقي ۾ جانورن جون اڪثر اسپتالون بند تعلقي جا مالوند ڀاڳيا مونجھاري جو شڪار لائيوَ اسٽاڪ ضلعي لاڙڪاڻي ڪو ٻوٽو نہ ٻاريو تفيل موجب تعلقي ڏوڪري جي دڙا، ڪاراڻي، بگي سميت ٻين ھنڌن تي بند پيل جانورن جون اسپتالون انتظامي لاپرواھي سبب بند پيل آھن جنھن ڪري مالوند چوپائي مال سميت ٻين جانورن جي علاج لاءِ سخت پريشان آھن۔

اھڙي صورتحال ۾ تعلقي ڏوڪري جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن دودو ديشي، فيصل رضا ابڙو، اختيار جروار ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري جون اڪثر اسپتالون بند پيل آھن جيڪو افسوس جوڳو عمل آھي ھنن چيو تہ لائيوَ اسٽاڪ کاتي کي ڪھڙي بہ صورت ۾ ننڊ مان جاڳڻ گھرجي نہ تہ چوپائي مال سميت جانورن جو نسل تباھ ٿي ويندو جنھن جي نقصان جو ازالو نا ممڪن ھوندو ھنن چيو تہ وقت جي حڪومت ھن معاملي جو فوري نوٽيس وٺي تعلقي اندر بند پيل جانورن جون اسپتالون کولرائي علاج جون گھربل سھولتن کي بنا دير ممڪن بڻائي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here