ڏوڪري: ڏوڪريءَ جي ڀٽائي پاڙي جي رهواسي سيد علي تقي شاھ جو ميڊيا اڳيان احتجاج، راشد کوکر، رشيد کوکر ۽ سندس ڀاءُ منهنجي گهر تي حملو ڪري حملو ڪيو ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڙي وارن جي چوٻول تي فرار ٿي ويا، ڏوڪري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڏوڪريءَ ڀٽائي پاڙي جي رهواسي سيد علي تقي شاھ ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته گذريل رات اٺين وڳي مان پنهنجي گهر ۾ موجود ھيس منهنجي گهر ۾ ڪجھ ماڻهن داخل ٿيڻ ڪوشش ڪئي جنهن جي مزاھمت دوران مون تي حملو ڪندڙن پاران تشدد ڪيو ويو ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي گهر ۾ موجود ٻارڙن توڙي عورتن دانهون ڪئي قرآن پاڪ کڻي دانهون ڪيون، دانهن تي پاڙي وارا پنهنجي گهرن کان ٻاهر آيا تہ حملي آور فرار ٿي ويا۔
ھن ٻڌايو تہ تشدد دوران مون حملي آورن کي ھڪ راشد کوکر ولد نظير کوکر، رشيد کوکر ۽ سندس ڀاءُ کي سڃاڻي ورتو، جنھن بعد انهن حملي آورن خلاف ڏوڪري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، پوليس ھن وقت تائين ڪو به عمل ناهي ڪيو۔
ھن چيو تہ ويھ مھينا اڳ ڏوڪري جي کوکر پاڙي ۾ سعيد احمد کوکر پنهنجي ئي گهر ۾ سندس ڀيڻ تانيه کوکر ھٿان قتل ٿيو جنهن بعد قتل ٿيل سعيد احمد کوکر جي فرياد ڏوڪري ٿاڻي تي منهنجي ڀاءُ محمد باقر حسين شاھ، تانيه کوکر ۽ مون تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي هئي، ھن وقت مان ضمانت تي آزاد آهيان، هن وقت به منهنجو ڀاءُ سيد باقر شاہ ۽ تانيه کوکر گرفتار آهن۔ هن چيو ته اسان مان ڪير ان قتل ۾ ملوث ناهي اسان کي ھٿ وٺي قتل ۾ ڦاسايو ويو آهي، ھن ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته حملي آورن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي۔