رپورٽر امداد پنهور گاجي کھاوڙ
قمبر: گاجي کهاوڙ ۾ پ پ ايم پي اي نواب غئبي سردار خان چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو جي رهاشگاهن تي پوليس چڙهائين خلاف گاجي کهاوڙ ۾ پ پ آڳواڻ وڏيرو همٿ خان چانڊيو وڏيرو عبدالجبار خان چانڊيو دائود چانڊيو بگن چانڊيو سٺ واڌل چانڊيو ۽ وارڊ 2 جي صدر سرائي سهيل خان کهاوڙ ۽ چانڊيه اتحاد جي نائب صدر يوسف چانڊيو جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ تي پرامن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جڏهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائهيندي هنن چيو ته نواب سرادر خان چانڊيو جي گهرن تي بنا جواز پوليس جي چڙهائي ۽ پوليس گردي نا منظور آهي اسان پنهجي نواب سان هر ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين۔