آل سنڌ رٽائرڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن سڪرنڊ جي سڏ تي احتجاج

0
188
آل سنڌ رٽائرڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

آل سنڌ رٽائرڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن سڪرنڊ جي سڏ تي سنڌ جي سمورن ملازمن کي گروپ انشورنس جي مد ۾ ڪٽوتي ڪيل رقم نه ملڻ خلاف مين اردو اسڪول کان سڪرنڊ پريس ڪلب تائين مرڪزي صدر محمد عمر خاصخيلي ، ضلعي صدر غلام نبي ڪيريو ، تعلقي صدر مير محمد ڪيريو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي . ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سرڪاري ملازمن جي ماهوار پگهار مان سنڌ گورنمينٽ ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي معاهدي تحت رقم ڪٽي وڃي ٿي ، جيڪا رٽائرمينٽ کانپوءِ ملازمن کي ملڻ گهرجي ، جيڪا نٿي ڏني وڃي ۽ رٽائرڊ ملازمن جو حق کسيو پيو وڃي۔

هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته گروپ انشورنس جي رقم مڪمل رٽائرڊ ملازمن کي فورن ادا ڪئي وڃي ، ان فيصلي تي عمل ڪندي پنجاب ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان اها رقم ملازمن کي ادا ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هنن بلاول ڀٽو زرداري ، وزير اعلٰى سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته گروپ انشورنس جو بل سنڌ اسيمبليءَ مان قانوني طريقي سان پاس ڪرائي ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم ادا ڪئي وڃي ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي۔

احتجاجي ريلي کي آبادگار اڳواڻ رضامحمد چانڊيو ، مجيد عباسي ، عبدالرشيد پرهيار ، سنڌ عوامي سٿ جي عبد الصمد گبول ، علي اڪبر چانڊيو ، جاويد انصاري پڻ خطاب ڪيو جڏھن ته محمود مصطفٰى مگسي ، خير محمد چنا ، علي حيدر ملاح ، محمد وارث نوناري ، محمد ايوب ملاح ۽ جاويد خانزاده سميت وڏي انگ ۾ ملازمن شرڪت ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here