احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽرن تي عورتن ايس او پيز جون ھوا ۾ اڏاري ڇڏيون

0
153

سجاول جوڻيجو رپورٽ: علي مدد لاشاري

سجاول جوڻيجو قائم احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽرن تي عورتن ايس او پيز جون ڌچيون اڏاري ڇڏيون ڪرونا وائرس وڌڻ جو خدشو انتظاميا غائب مستحق عورتن جي آيل 12 هزار روپيا رقم مان ڊوائيز مالڪن مقرر پوليس اهلڪارن سان ڳٺ جوڙ ٿي ايجنٽي ڪرڻ لڳا لاڳاپيل عملدارن تحرڪ ناهي ورتو هر ڪارڊ تي پنج ڪٽيا وڃن ٿا عورتن جون دانهون۔

رپورٽ موجب سجاول جوڻيجو ۽ عرضي ڀٽو ۾ قائم احساس ڪفالت پروگرام جي هلندڙ سينٽرن تان ڊوائيز مالڪن سردار ڀٽي مظھر علي جلباڻي ۽ سرفراز احمد چانڊيو طرفان سينٽرن تي مقرر پوليس اهلڪارن سان ملي ڀڳت ڪري مستحق عورتن جي آيل 12 هزار روپيا رقم مان ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ لڳا آهن جنھن دوران سينٽرن تي آيل مستحق عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي تہ سينٽر مالڪن طرفان غير قانوني پنج سئو روپيا ڪٽيا پيا وڃن اڳ اسان کي 12 هزار روپيا ڏنا ويا هئا پر هن ڀيري پوليس اهلڪار ڊوائيز مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري اسان غريب مستحق عورتن جا ناجائز پنج سئو روپيا ڪٽيا پيا وڃن هنن وڌيڪ چيو تہ اڳلي قسط دوران رينجرس مقرر هئڻ ڪري اسان کي پورا پئسا مليا هئا هن ڀيري پوليس اهلڪار اسان کي ورغلائي پنج سئو روپيا ڪٽوتي ڪرائي رهيا آهن جنھن جو لاڳاپيل عملدار نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي ۽ ناجائز ڪٽوتي بند ڪرائي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here