سڪرنڊ(رپورٽ: مشتاق سولنگي)
پاپوليشن ويلفيئر کاتي شهيد بينظير آباد طرفان تعلقه پاپوليشن ويلفيئر آفيسر علي شير لنڊ جي سربراهيءَ ۾ گورنمينٽ ڊسپينسري ڳوٺ فضل محمد ڪيريو ۾ ” خاندان جي صحت جو ڏينهن “ جي نالي سان هڪ ڏينهن جي فيملي هيلٿ ڪيئر ڪئمپ لڳائي وئي ، جنهن ۾ ٻارن ۾ بنيادي وقفي جي حوالي سان پنج سالن جو وقفو ڪرڻ ۽ عورتاڻين بيمارين بابت آگاهي ڏني وئي۔
ڊاڪٽر تنسيم ڪوثر انچارج آر ايڇ ايس سڪرنڊ سان گڏ ايف ڊبليو حنيفه جمالي طرفان فري ۾ امپلانٽ ۽ ڪئمپ ۾ مفت دوائون به فراهم ڪيون ويون.ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر رياض احمد شر ڪئمپ جو دورو ڪيو ان موقعي تي ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لا۽ عورتن کي گھرجي ته ٻار جي وقفي لا۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ته جيئن آبادي تي ضابطو آندو وڃي ڪئمپ ۾ ميل موبلائيزرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔