بابا، بينظير ڀٽو کي وفاق جي سياست ڇڏي، سنڌ جي سياست ڪرڻ جي صلاح ڏني ھئي، عادل راشدي

0
335

ملاقات: قاضي آصف

بابا چوندو ھو جنرل ضياءُ ڀٽي صاحب کي نہ ڇڏيندو، وفاقي سيڪريٽري آفتاب احمد خان، بابا کي ٻڌايو ھو تہ ڀٽي صاحب ڪنھن کي بہ قتل ڪرڻ جو حڪم نہ ڏنو ھو۔ بابا ڪڏھن بہ جنرل ضياءَ سان ڪڏھن ملاقات نہ ڪئي ھئي، جنرل فرمان کي ساڻ ڪري ھڪ ڏينھن جنرل ضياءُ ڪراچي ۾ اسان جي گھر آيو ھو۔ بابا گھر ۾ موجود ھوندي بہ جنرل ضياءَ سان ملاقات کان انڪار ڪيو ھو۔

جنرل ضياءَ چيو مان دعا لاءِ آيو ھوس، ٻيو ڪو ڪم نہ ھو
غلام مصطفي جتوئي بابا کي اطلاع ڏيڻ آيو تہ اسان ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ڪري رھيا آھيون
بابا مشورو ڏنو، ليڊر شپ پاڻ کي گرفتار ڪرڻ نہ ڏئي
بينظير ڀٽو پھريون جيئن جيل مان نڪتي، بابا سان ملڻ آئي ھئي
بابا کي ھٿ ۾ پرچي ڏني تہ ڀٽي صاحب توھان لاءِ ڊيٿ سيل مان ڏني ھئي
بابا، بينظير ڀٽو کي پاڪستان جي سياست ڇڏي، فقط سنڌ جي سياست ڪرڻ جي صلاح ڏني.
جيڪڏھن تو وفاق جي سياست ڪئي تہ ھي توکي نہ ڇڏيندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here