ڏوڪري ۾ بي بي سڪينہ سلام ﷲ علهيا جن جي شهادت جي حوالي سان وڏيرو سليم خان جوڻيجو پاران مجلس عزا ڪرائي وئي. مجلس عزا کي علامہ منظور حسين سولنگي، مولانا غلام علي عاملي، درٻار علي سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا کان بعد ال محمد ﷺ جن جي کي قيد ڪيو ويو۔
هنن چيو ته يزيد بيبين ۽ مولا سجاد عليه السلام مٿان ظلمن جي انتها ڪئي پر آل محمد ﷺ يزيد جي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪندي قيد قبول ڪيو. 13 صفر تي 4 سالن جي معصومہ بي بي سڪينہ سلام ﷲ علهيا جن جي شام جي زندان ۾ شهادت ٿي۔