نصيرآباد ۾ وڌندڙ بدامني کي ٻجو نہ آيو

0
146

رپورٽ: منير احمد ڪانڌڙو

نصيرآباد ۾ وڌندڙ بدامني کي ٻجو نہ آيو، وڌندڙ بدامني خلاف پي ٽي آئي نصيرآباد جي سوين ڪارڪنن، عھديدارن جو ضلعي صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي اميد وار سردار محمد علي هڪڙو جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي پي ايس17 نصير آباد جي ٽڪيٽ هولڊر رئيس عاقل خان چانڊيو، راڻا سخاوت راجپوت، تعلقي صدر مير نصرﷲ خان بليدي، سٽي صدر گلزار شيخ، جنرل سيڪريٽري اعجاز شيخ، آصف ڪاٺيو، رب رکيو اوڍاڻو، ڊاڪٽر شيراز شيخ، منظور تونيو، استاد گل شيخ، ديدار کوکر، اربيلو شيخ سميت سوين ڪارڪنن پاران پارٽي جا جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پوسٽ آفيس کان شاندار ريلي ڪڍي وئي۔

ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران امن اسان جو حق آهي، شهر مان ٿيل چوريون واپس ڪرايو جا نعرا هڻندي ريشم گلي، مرچ بازار، شاهي بازار، سبزي منڊي کان ٿيندا نصيرآباد سچل پريس ڪلب پهچي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، بعد ۾ مظاهرين پوليس اسٽيشن جي گيٽ آڏو 4 ڪلاڪن تائين احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سجاڳ شھري اتحاد نصير آباد جي اڳواڻ وزير علي ڪانڌڙو، ۽ ٻيا ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ پي ٽي آئي ضلعي، تعلقي ۽ سٽي  جي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ شھر جي امن امان جي صورتحال کي هٿ سان خراب ڪرڻ جو ذميوار سٽي گشت انچارج اعجاز ٻگهيو آهي، جنهن ڏينهن کان وٺي  سفارش عيوض هن کي سٽي گشت انچارج مقرر ڪيو ويو آهي تنھن ڏينھن کان هر روز شھر مان موٽر سائيڪل، پاڻيءَ جا موٽر، دڪانن جون ڇتيون ڀڃي چوريو ڪرڻ، شھرين کان موبائيل فونون ڦر ٿيڻ، شهرين جا کيسا ڪترجي وڃڻ، گهرن ۽ دڪانن تي لڳل سولر پليٽون چوري ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهن۔

شھر ۾ وڌندڙ بدامني سبب شھري هر وقت خوف ۾ مبتلا رهڻ تي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، سڄاڻ ڌرين توڙي شھرين وفدن جي صورت ۾ بار بار پوليس انتظاميا سان  ملاقاتون ڪري شڪايتون ڪرڻ جي باوجود بہ ايس ايڇ او سميت پوليس انتظاميا جي ڪن تي جونءَ بہ نٿي چري ۽ نہ ئي نوٽيس وٺڻ تيار آهن، هنن چيو تہ تقريبن 2 مهينا اڳ پي ٽي آئي اڳواڻ ديدار کوکر جي نامعلوم چور موٽر سائيڪل ڪاهي ويا ۽ سٽي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز شيخ جي موبائيل فون بشني ڪڍي ويا جنھن جو بروقت اطلاع ڪرڻ باوجود بہ پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، صرف دلاسا ڏئي رهيا آهن، ايس ايڇ او نصيرآباد مير محمد کوسو جي مقرر ٿيڻ کان پوءِ ڏوهن تي ڪنٽرول ٿيڻ بجاءِ ويتر اظافو ٿي ويو آهي۔

ھنن الزام هڻندي چيو تہ سٽي انچارج اعجاز ٻگهيو ٻئين شهرن مان بشني گهرائي شهرين جا کيسا ڪترائي موبائيل فون روڪ رقم ڪڍرائي بشنين سان ڀاڱي ڀائيوار هجڻ سان گڏ ڏوهاري ماڻهن هٿان شھر مان  موٽر سائيڪلون سميت ٻيون چوريون ڪرائي وري انهن کان ڀنگ طلب ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي رهيو آهي، هي وردي پهريل ڏوهارين جو ساٿاري آهي، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان گھر ڪئي تہ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت گهٽ ۽ ڏوهارين جو ساٿاري وڌيڪ آهي، اعجاز ٻگهيو خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي شهر ۾ وڌندڙ بدامني تي ظابطو آڻي شهر جي امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي شهر مان ٿيل چوريون واپس ڪرائي ايس ايڇ او ۽ سٽي گشت انچارج کي هٽائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here