ڏوڪريءَ، ٽائون آفيسر جي مقرري نه ٿيڻ ۽ ملازمن جون پگهارون نه ٿيڻ خلاف ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال

0
227

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ گذريل هڪ مهيني کان ٽائون آفيسر جي مقرري نه ٿيڻ ۽ ملازمن جون پگهارون نه ٿيڻ خلاف ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ کان پوءِ شهر ۾ گندگي جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي۔ ڏوڪري ۾ گذريل هڪ مهيني کان ٽائون آفيسر جي پوسٽ خالي آهي جنهن سبب ٽائون جي ملازمن جي پگهارن سميت ٻيا معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن۔ پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون جي 192 ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي آهي۔ ملازمن جي هڙتال سبب صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري شهر ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو آهي۔ شهر جي مکيه بازار سميت ڪيترن ئي پاڙن جي گهٽين ۾ گند ۽ ڪچهري جا ڍير جمع ٿي ويا آهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here