الفت حسین پتافی
انسان کي جيڪڏهن ڊفائن ڪجي ته منهنجي خيال ۾ هو صرف هڪ ذهن، دماغ يا ان جون سوچون، يادون، سکڻ جي اُڻ تُڻ ۽ تجربا آهن. باقي رهيل جيڪي به انساني عضوا آهن، جئين دل، ڦڦڙ، جيرو، گڙدا، آنڊا، معدو، مطلب ته هر انساني عضوي جو مقصد دماغ جي بقا لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ آهي۔
اهي سڀئي عضوا ملي ڪري دماغ کي انرجي، رت يا بلڊ ۽ آڪسيجن پهچائيندا آهن. انساني موت به ان ڪري ئي ٿي ويندو آهي ته ڪو عضوو خراب ٿي پوندو آهي ۽ دماغ کي گهربل شي نه آهي ملي سگهندي۔
سائنسدان ڏندين آڱريون آڻيندڙ جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن انهن مان هڪ اهو به آهي ته انساني دماغ کي محفوظ ڪري ان کي اهي سڀ شيون مهيا ڪجن جيڪو انساني جسم ڪري ٿو پيو. هن پروجيڪٽ جي ڪاميابي جي صورت ۾ ڪجهه انسان (الباڪستاني نه) شايد هميشه لاءِ زنده رهي سگهن۔
اهڙو انسان جسماني طور تي ته گهمي ڦري نه سگهندو، سيڪس نه ڪري سگهندو، پنهنجي پيارن کي ڀاڪر ۾ ڀري نه سگهندو پر ذهني طور تي هر ڪم ڪري سگهندو، هر جاءِ ڏسي ۽ گهمي سگهندو، عام انسان جي دماغ کان بهتر نموني ڪم سگهندو ۽ ڪائنات جي ڳوڙها راز سمجهي سگهندو ۽ ڪڏهن به ڪراڙو نه ٿيندو نه ئي ويسر جو مرض ٿيندس۔
مزي جي ڳالهه ته انساني عمر ايتري ته ٿوري آهي جو پنجاھ سال اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃن ۽ چند انسانن کان سواءِ علم جي سمنڊ مان شايد هڪ لپ به اسان جهڙن کي نصيب نه آهي ٿيندي. جن ماڻهن لاءِ علم حاصل ڪرڻ هڪ عياشي آهي ۽ پنهنجيون عمريون ان جي حصول جي لاءِ ڳاري ڇڏيندا آهن اهي ضرور به هن ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺندا، سوين سال جيئرا رهندا ۽ پنهنجي دماغ کي دنيا جي سڀ کان طاقتور ڪمپيوٽر سان ڳنڍي علم جا سڀ درياه پنهنجي اندر اوتيندا ويندا۔
We actually have to redefine the terms living and intelligent beings.