ڏوڪريءَ ۾ ٻہ ڏينهن اڳ جهتيال برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب زخمي ٿيندڙ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو

0
151

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ ٻہ ڏينهن اڳ جهتيال برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي سبب زخمي ٿيندڙ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. ڳوٺ خير محمد جهتيال ۾ ٻه ڏينهن اڳ گهٽيءَ مان لنگھ جي معاملي تان جهتيال برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيا، زخمي کي طبي امداد لاءِ لاڙڪاڻي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي علاج دوران 32 ورهين جو عرفان علي جهتيال فوت ٿي ويو. فوتيءَ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال آندو ويو، جتي ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف واقعي جي سيهڙ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي هئي، جڏهن ته هن وقت تائين نه ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي. صحافين پاران رابطو ڪرڻ سيهڙ ٿاڻي جي وڏي منشي عبدالغني جوڻيجو ٻڌايو ته واقعي بعد جوابدار پنهنجا گهر خالي ڪري هليا ويا آهن تنهن هوندي به جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here