لاڙڪاڻو (رپورٽ : غلام مهدي لنڊ) سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، لاڙڪاڻي شهر جي جناح باغ چوڪ تي مختلف سنڌي ميڊيا طرفان ايڪتا جي مُک تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪمپيئرنگ جا فرض ناليواري صحافي ۽ شاعر عبدالقادر جاگيراڻي ۽ منور رند ادا ڪيا. تقريب ۾ سنڌ جي مشهور راڳين شيراز عباسي، عاشق مگسي، جگر جلال، نياز عمراڻي، باقر بليدي، نادر لاشاري ،راجا سمون، سڄڻ مائري، سليم رضا ڪنڀر، ساجد سوز سانگي، ظهور شيخ، اقرار سومرو، فدا کوکر سميت ٻين فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جن “اجرڪ ويڙهي ڪلهن تي سنڌي ٽوپي پائي سٻاجهڙا او سنڌي توکي سلام آهي،” ” اجرڪ ٽوپي پائڻ وارا توکي لک مبارڪ هن سهڻي سنڌ ۾ رهڻ وارا توکي لک مبارڪ” الي منهجان ماروئڙا او منهنجا سانگيئڙا “،” هي سنڌ جي جيڪا ڌرتي آ ان ڌرتي سان مون کي پيار آ”، ” جيئو جيئو سنڌ وارا جيئو پيارا ماڻهو سنڌ وارا جيئو ” هِن جنم هُن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو هجان”،” سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن ٽوپي اجرڪ وارا جيئن”، “مان سينڌ سنڌوءَ جي سجائيندس. تنهجو جيجل کير ملهائيندس” سنڌي بهادر اڙ ٻنگ جوڌا شير سائين”،” لايون نڀايون اها ريت اسان جي، ڪُڏي ڪنڌ ڪپايون اها ريت اسان جي”، هو جمالو ۽ ٻيا قومي گيت ڳائي شريڪ ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته نالي وارن سگهڙن ڏاڏو ڏتل ابڙو ۽ محمد يوسف ڀٽي پنهنجي لوڪ شاعري ٻڌائي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت رکندڙ ماڻهو ريلين جي صورت ۾ مک تقريب ۾ پڪا پوڙها، نوجوان ٻارڙا، اجرڪ ٽوپيون، پٽڪا، اجرڪ جون ٺهيل واسڪوٽيون، سنڌي ويس وڳا پائي شرڪت ڪئي،تقريب دوران سورٺ سماجي ثقافتي سنگت طرفان اسٽيج ڀرسان نمائشي اسٽال لڳايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي ثقافتي شين توڙي تاريخي ماڳن مان هٿ آيل مجسمن ۽ ٻين شين جا ماڊل ڪنگ پريسٽ، سمبارا گرل، موئن جو دڙو جي اسٽوپا جا ماڊل ڪهاڙي، ڏارٽو، ڇڄ، ڏوڌ جي چاڏي، هالا جو ثقافتي سامان، تاريخي شخصيتن شهيد هوش محمد شيدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، راجا ڏاهر، شاھ ڀٽائي جي مجسمي توڙي ڀٽائي جي روضي جي تصوير ۽ ٻيون تاريخي شيون، تصويرن رکيل هيون جتي سورٺ سماجي ثقافتي سنگت جي اڳواڻن جميل گاد، نويد سامٽيو،۽ ٻين ماڻهون کي تاريخي ماڳن ۽سنڌ جي ثقافت بابت ڄاڻ پڻ ڏني، جڏهن ته ثقافتي منعقد ڪيل مک تقريب ۾ سياسي سماجي تنظيمن جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ لاڙڪاڻو، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي، گڏيل طور ضلعي صدر ذوالفقار علي بليدي، همير بليدي، محسن علي کهاوڙ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سنڌ نيشنل پارٽي لاڙڪاڻي طرفان جنيد ملگاڻي، عبدالحمید ڏيٿو ،يسار سنديلو ،جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شرڪت ڪئي،المنتطرويلفير ٽرسٽ پاران لاڙڪاڻو طرفان سيد فياض حسين شاه، طارق بدوي، آغا سهراب ميراڻي، طارق رسول انڙ ۽ اعجاز سولنگي جي اڳوڻي ۾ شرڪت ڪئي وئي.جسقم لاڙڪاڻو طرفان اطهر سمورو عزيز شيخ، اشرف ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي شرڪت ڪئي، ايس ٽي پي ضلعي لاڙڪاڻي طرفان طارق جتوئي، رجب ڪلهوڙو ،فقير ظهير سانگي، عامر ڪورائي، ساگر ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شرڪت ڪئي، جڏهن ته ميونسپل يونينز الاينس لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن طرفان رسول بخش شاهاڻي، غلام اصغر جتوئي ،قلندر بخش شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻو شهري اتحاد جي صدر نياز ابڙو، نثار مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ايس يو پي جي اڳواڻن ڊاڪٽر مظهر مغل، شيبا مغل پنهنجي ساٿين سميت شرڪت ڪئي،جڏهن ته سمورا اتحاد پاڪستان ويلفير ايسوسيئيشن ضلعي لاڙڪاڻو طرفان ضلعي صدر وڪيل نصر اللہ چانڊيو، محمد مٺل سومرو ،محمد امين سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شرڪت ڪئي وئي عشق انسان سماجي تنظيم طرفان وليد محلي کان موٽر سائيڪلن تي صدر محمد موسي جلباڻي، جواد علي عباسي، احسن رضا ميراڻي، سنڌ نوجوان اتحاد طرفان اسلم تنيو ،بلاول سومرو ،بدر ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شرڪت ڪئي وئي، جڏهن مک تقريب ۾ پ پ لاڙڪاڻو سٽي جو صدر خير محمد شيخ،اعجاز لغاري ،عمران حسن جتوئي، انور علي لهر وقار ڀٽو، سميت پ پ سپاف ۽ يوٿ ونگ سان گڏجي شرڪت ڪئي نالي واري شاعره ۽ قوم پرست اڳواڻ ناياب سرڪش سنڌي، اداڪار امتياز سهاڳ، هوڏانهن آرٽ ڪائونسل جي صدر اسماعيل جتوئي، محمد پنجل سانگي ۽ ٻين جي اڳواڻن وفد جي صورت ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي تقريب ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو ،جنرل سيڪريٽري مرتضي’ڪلهوڙو، سينئر صحافين ۾ معشوق علي اوڍاڻو، سرڪش سڌايو، حنيف سهاڳ، نادر ابڙو ،شاھ محمد لاشاري، سيد جاويد علي شاهه، علي گراماڻي، عبدالحفيظ منگي، نويد لاڙڪ، سلامت ابڙو، رشيد سمون، غلام مهدي لنڊ، سعيد ميمڻ، منصور ابڙو، بشير احمد چانڊيو، مشتاق چانڊيو، غلام نبي چانڊيو،حميد ڀٽو، علي سرهيون، ڪامران سانگي، مومن ڪنگو ،وسيم ٻرڙو ،وسيم ڀٽو ،شريف ڀٽو، اسلم راجپوت، يوسف شيخ، الطاف کهاوڙ، ذيشان کوکر منير پيرزادو، سميت صحافين ،ڪيمرامنين فوٽوگرافرن،ميڊيا ورڪرن شرڪت ڪئي. تقريب صبح جو 10 وڳي کانپوءِ رات دير تائين جاري رهي لاڙڪاڻي شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ، گھٽي گھٽي ايڪتا ثقافتي رنگن سان جرڪي پئي، هر طرف جيئي سنڌ، سنڌ وارا جيئن، سنڌي ٻوليءَ جيئي، جيئي لطيف، جيئي لطيف جي سهڻي ڌرتي، سنڌي ميڊيا زنده باد سنڌ زنده جي نعرن سان گونجي اٿيو.