مٺي شهر جي اصلي رهواسين ۽ ڌرتي ڌڻين جي ڪالونين جو وجود ۽ نہ سھپ

0
274

ليکڪ: وڪيل ڀڳوان داس ڪيولاڻي

مٺي شهر جي اصلي رهواسين ۽ ڌرتي ڌڻين جي ڪالونين جو وجود ۽ نالو پاڻ کي شهر جي مالڪ سمجهندڙن کان برداشت نٿو ٿئي

ڪجهه وقت اڳ حاجي ساند چيو ته سنڌ جي هر شهر کي مٺي شهر جي ڀوتار جهڙو هڪ ڀوتار ملڻ گهرجي پر حاجي صاحب کي خبر ناهي ته پنهنجائپ جي چوڳي ۾ ڌرتي ڌڻين جا پير ڪيئن ٿا ڪڍيا وڃن ۽ پيرن جا نشان ڪيئن ٿا ختم ڪيا وڃن۔ مٺي شهر ۾ شهر جي اصلوڪن رهواسين توڙي ٻهراڙي مان روزگار، نوڪري سانگي جن ماڻهن شهر ۾ اچي شهر جي پاسن ۾ پنھنجيون ڪالونيون، پاڙا آباد ڪري رهائش اختيار ڪئي ۽ پنهنجن ڳوٺن جي ماڻهن کي ڳوٺن مان ڪڍي شهرن ۾ آباد ڪيو تن ۾ شهر توڙي ٻهراڙيء جي ڪجهه معزز ماڻهن پنهنجو ڏينهن رات هڪ ڪري محنتون ڪري ڪشالا ڪڍي ڪالونيون ۽ پاڙا آباد ڪيا ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن کي بغير ڪنهن لالچ جي اجھو ڏئي آباد ڪيو، انهن آباد ٿيندڙ ماڻهن ۾ اڪثريت ميگهواڙ ۽ ڀيل برادري جي آهي ۽ انهن ئي برادرين جي ووٽ بئنڪ تي ڪجهه ڀوتار پاڻ کي شهر جو ڌڻي سمجهي اقتدار جو منصب ماڻي هميشه اقتدار ۾ پهتا آهن۔

اقتدار ۾ اچي انهن ڀوتارن انهن برادرين جي ووٽ ڏيڻ جي عيوض ۾ احسان مڃڻ بدران احسان فراموش ٿي مختلف ڪالونين ۽ پاڙن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائي انهن جي ڪالونين توڙي پاڙن کي راشي عملدارن ۽ ڪرپٽ انتظاميا جي مدد سان مختلف حصن ۾ تقسيم ڪري انهن جا نالا ختم ڪري پنهنجا من پسند نالا ڏئي يا ته مرڳو ئي نالو نشان ختم ڪري انهن ڪالونين ۽ پاڙن کي هزارين مشڪلاتن ۽ ڏکئي وقت کي منهن ڏئي جن معزز ماڻهن پنهنجو رت ۽ ست ڏئي آباد ڪيو هو انهن جي قربانين ۽ محنتن کي پنهنجي حسد، انا ۽ تعصب پرستي جي آڙ ۾ ڪچلي انهن ڪالونين ۽ پاڙن جي نالن کي ڪٿي بلڪل ئي ختم ڪيو ويو آهي ته ڪٿي انهن کي ٽڪڙن ۾ تقسيم ڪري ته ڪٿي وري ڪالونين ۽ پاڙن کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي جن جو مثال مٺي شهر جي گذريل 30 سالن ۽ ان کان اڳ آباد ٿيندڙ ڪجهه ڪالونين ۽ پاڙن جي باري ۾ تفصيل ڏجي ٿو۔

اهي ڪالونيون ۽ پاڙا جن جي باري ۾ معلومات مليل آهي انهن کي يا ته مڪمل ختم ڪيو ويو آهي يا نالا بدلائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي۔

ميوارام ڀيل ڪالوني جيڪا بس ٽرمينل ڀرسان هئي ۽ ڀيل ڪميونٽي جي معزز ميوارام ڀيل آباد ڪئي هئي. مڪمل نالو نشان ختم

هيرا ڪالوني جنهن کي هيري ميگهواڙ ڏاڀڙي ڳوٺ واري آباد ڪيو هو. مڪمل نالو نشان ختم

پانچي مل ميگهواڙ جي آباد ڪيل ڪالوني کي ٽوڙي ٻه حصا ڪري خدا جي بستي نالي سان ڪالوني ٺاهي وئي

مٺي شهر جي پراڻي ڪانجي ڪالوني کي ٻه حصا ڪري ٻي توڪل ڪالوني ٺاهڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي وئي ۽ اڄ به ڪانجي ڪالوني جي لکيل نالي واري بورڊ کي ڪجهه نامعلوم ماڻهو سدائين زنڪ / ڪٽ هڻن جون حرڪتون ڪرڻ ۾ رڌل آهن پر سائين ڪانجي مل اڄ به وڏي دل سان وقت به وقت بورڊ کي نئون رنگ ڪرائي انهن ماڻهن. کي پنهنجن ارادن ۾ ناڪام ڪن ٿا، سائين ڪانجي مل پنهنجي پوري ڪالوني تي جيڪا محنت ڪئي آهي، سون جي تعداد ۾ وڻ پوکي ڪالوني کي گلزار بڻايو آهي اهڙي طرح جي مٺي شهر ۾ ڪنهن به ٻئي ماڻهو پنهنجي علائقي يا ڪالوني لاءِ ڪوشش نه ڪئي آهي۔

ڪونڀا ڪالوني جنهن کي ڪونڀالال ميگهواڙ آباد ڪئي اتي ان کي سگهروڙ پاڙو بڻائي ٻه ٽڪر ڪيا ويا آهن۔

ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي اڌ کي جھانگي نگر ۽ اڌ کي ڌرماڻي ڪالوني بڻايو ويو آهي۔

ترڪيا پاڙو جنهن کي آمريو پاڙو ۽ DHO آفيس پاڙو بڻائي ٽي حصا ڪيو ويو آهي

انچلو ڀيل ڪالوني کي مڪمل طور ختم ڪري نالو نشان ختم ڪيو ويو آهي۔

مئو پاڙو کي پني لال پاڙو بڻايو ويو آهي۔

ساڌواڻي پاڙو جنهن جي اسڪول ٺهيل آهي ان جو نالو ئي ختم ڪري ٻيو نالو رکيو ويو آهي۔

ڪيولرام ڪالوني جنهن کي مٺي شهر جي اصلوڪي رهواسي ڪيولرام آباد ڪري سوين ماڻهن کي آباد ڪيو تن کي ٽوڙڻ ۽ نالي بدلائڻ جون ناڪام ڪوششون عروج تي پهتل آهن۔

اهي مٿي ڏنل ڪجهه نالا اسان جي هٿ ڪيل ڄاڻ مطابق آهن هنن کان وڌيڪ به ٻيا ڪيترائي نالا ٿي سگهن ٿا وڌيڪ دوست رهنمائي ڪري سگهن ٿا۔

نوٽ: هنن مٿي ڏنل پاڙن ۽ ڪالونين ۾ اڪثريت ميگهواڙ ۽ ڀيل برادري جي آهي ۽ رهندڙ ماڻهو تقريبن پاڻ ۾ ويجھا عزيز ۽ رشتيدار آهن پر شهر جي پاڻ کي ڀوتار سمجهندڙن انهن ڪالونين ۽ پاڙن جي سڀني ويجهن عزيزن ۽ مائٽن کي پاڻ ۾ ويڙهائي اڻسڌيءَ طرح پنهنجي حسد، انا ۽ تعصب جي خاطر هنن جي طاقت کي پاڙي سطح تي ايڏو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هنن جي اقتدار جي بقا لاءِ تمام ضروري آهي. هر ڪالوني ۽ پاڙي ۾ هنن هڪ يا ٻه ڄڻا اشارن تي هلندڙ هٿڪنڊا هٿ ڪيا آهن جيڪي پنهنجي ذاتي بغض، ڪيني ۽ مفادن لاء پنهنجي پيءُ جو سودو ڪندي دير ناهي ڪندا انهن کي استعمال ڪري هر طرف نفرت جي باهه ٻاري وئي آھي۔

چوڻي آهي ته پنهنجي وڍي جو ڪو به ويڄ يا طبيب ناهي هوندو. انهن ڪالونين ۽ پاڙن جي ماڻهن کي اقتداري ڌرين جي انهن سازشن کي سمجهڻ گهرجي ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ننڍن مسئلن تي پاڻ ۾ لڙڻ بدران هڪ طاقت ٿي دشمنن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي نه ته اهو وقت پري ناهي ته اوهان جي علائقن ۽ پاڙن ۽ انهن جي نالن جي وجود سان گڏ توهان جو وجود ۽ سڃاڻپ ختم ٿي ويندي ۽ پنهنجي ڌرتي تي بي نام ڌاريا بڻجي رهجي ويندا. ۽ وڏيرن جي درن تي ٺوڪرون کائيندا رهندا. ان سان گڏ انهن اقتداري ڀوتارن شهر جي ڪا اهڙي جڳهه نه ڇڏي آهي جتي قبضو نه ڪيو هجي ۽ وڻ وڻ جون ڪاٺيون گڏ مختلف نالن سان الائي ڪيتريون ڪالونيون ۽ پاڙا آباد ڪيا آهن جتي هر قسم جي سهوليت موجود آهي ۽ شهر جا اصلوڪا رهواسي توڙي ڳوٺن کان لڏي شهرن ۾ آباد ٿيندڙ ڌرتي ڌڻي اڄ به پنهنجي ڪالونين ۽ پاڙن ۾ زندگي جي بنيادي حقن کان محروم بڻيل آهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here