قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ميونسپل ڪميٽي ۽ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو ايڊوانس عيد پگهار نہ ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

0
176

قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ميونسپل ڪميٽي ۽ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو ايڊوانس عيد پگهار نہ ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پبلڪ پريس ڪلب اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شڪيل ميرجت، آصف چانڊيو، ذوالفقار ڀٽو، واجد ميرجت ۽ ٻين چيو تہ سنڌ حڪومت عيد کان اڳ ايڊوانس پگهارون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو پر لوڪل گورنمينٽ کان سواءِ سڀني ملازمن کي پگهارون جاري ڪيون ويون پر اسان کي عيد جون ايڊوانس پگهارون نہ ڏئي اسان کي ۽ اسان جي ٻچن کي عيد جي خريداري کان محروم ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجن ٻچن کي ڪپڙن سميت ڪا بہ شيء وٺي نہ ڏئي سگهيا آهيون، هنن چيو تہ جيڪڏهن ايڊوانس پگهارون جاري نہ ڪيون ويون تہ قرباني ڪيل جانورن جو گند نہ کنيو ويندو، پوءِ سڄو شهر گندگي جي ور چڙهي ويندو ان جي ذميواري سنڌ حڪومت تي آهي، هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کي اپيل ڪئي تہ ضلعي جي ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون ڪميٽين جي ملازمن کي ايڊوانس پگهارون ڏئي ملازمن کان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here