جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ۽ انچارج ھيومن ريسورسز پاران عدالتي حڪم جي ڀڄڪڙي، اسٽاف جي پگھارون ۽ داخلا تي پابندي

0
404

ڪراچي: ڪراچي جي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميا 31 ڪانٽريڪٽي ملازمن توڙي ٽيچنگ اسٽاف جون سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو اسٽي آرڊر ھئڻ باوجود پگھارون توڙي يونيورسٽي ۾ داخلا تي مڪمل طور پابندي لڳائي ڇڏي آھي۔

ان حوالي سان وي اين ايس سان ڳالھائيندي ملازمن چيو تہ اسان ڪيترن ئي سالن کان يونيورسٽي ۾ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڪم ڪري رھيا آھيون، پر ان باوجود اسان کي ريگيولر نہ ڪيو ويو آھي، باقي پنھنجي من پسند ملازمن کي پڪو ڪيو ويو۔

ھنن چيو تھ اسين گريڊ سترھين جا ملازم آھيون، ۽ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي عدالت کان اسٽي آرڊر پڻ ورتو، پر تنھن باوجود يونيورسٽي انتظاميا توھين عدالت وارو عمل ڪندي اسان جون پگھارون ۽ يونيورسٽي ۾ داخلا تي پابندي ھڻي ڇڏي آھي۔

ھنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو تہ يونيورسٽي انتظاميا جي اھڙي عمل جو سختي سان نوٽيس وٺي اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here