قمبر کان وارھ روٽ تي ھلندڙ مسافر ويگن کي اوچتو باھ

0
246

قمبر: رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر کان وارھ روٽ تي ھلندڙ مسافر ويگن کي اوچتو باھ لڳي وئي ڊرائيور ڀڄي جان بچائي قمبر شھر جي ڳتيل آبادي واري علائي جناح باغ جي مکيہ دروازي اڳيان ٽرانسپورٽرن طرفان قائم ڪيل اڏي تي بيٺل ويگن کي اوچتو باھ لڳي وئي جنهن سبب سموري ويگن سڙي وئي جڏھن تہ ڊرائيور ڀڄي جان بچائي ورتي۔

ٻڌايو پيو وڃي تہ ويگن واره مان مسافر کڻي جيئن ئي قمبر پهتي مسافر ويگن مان لهي ويا ڊرائيور گاڏي کي سائيڊ تي بيهاري رهيو هيو تہ کيس اوچ باه وڪوڙي وئي فائر برگيڊ گاڏي پھچي باھ تي ضابطو آندو ويگن ڊرائيور فدا حسين چانڊيو جو چوڻ هيو تہ ويگن ۾ گئس سلينڊر نہ هئا باه وائرنگ مان لڳي آھي۔

ھن چيو تہ بروقت فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو پر وقت سر نہ پھچڻ تي لکين رپين جي ويگن سڙي رک ٿي وئي ھن چيو تہ سال اڳ 6 لک روپين ۾ ويگن ورتي منهنجي گذر سفر جو ذريعو ويگن ھئي جيڪا سڙي خاڪ ٿي وئي آهي ياد رهي تہ قمبر ۾ بس ٽرمينل هئڻ باوجود بااثر ٽرانسپورٽرن شھر جي مختلف روڊن تي اڏا قائم ڪري ورتا آھن جڏھن تہ هتان جي انتظاميہ انهن اڳيان بي وس بڻيل آھي هتان جي سول سوسائٽي مطالبو ڪيو آھي تہ غير قانوني قائم ڪيل ويگن اڏا ختم ڪرايا وڃن تي جيئن نقصانن کان بچي سگهجي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here