پ پ ايم پي سردار خان چانڊيو جي گڙتل ۽ قمبر واري بنگلي تي پوليس جي چڙهائي، مظاھرا

0
229

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر: پ پ ايم پي نواب سردار خان چانڊيو جي گڙتل ۽ قمبر واري بنگلي تي پوليس جي چڙهائي خلاف پ پ قمبر سچوا ۽ شهري اتحاد طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن لياقت گوپانگ، ڊاڪٽراقبال يوسف بروھي، رياض چانڊيو، ڪامريڊ نظيرتنيو، ولي محمد مگسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نواب سردار خان چانڊيو هڪ انسان دوست ۽ غريبن جو هڏڏوکي اڳواڻ آهي ميهڙ واقعي ۾ نوابن اڳواٽ ئي شفاف انڪوائري جي گهُر ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مڪمل تعاون جي يقين دهاني ڪرائي هئي ۽ جاچ رپورٽ ۾ نوابن کي هن واقعي مان بري ڪيو ويو هو ان باوجود ڪورٽ جي حڪمن تي نوابن هر حاضري تي وڃن پيا ليڪن آءِ جي سنڌ بغير ڪنهن جاچ اطلاع تي پوليس اٽالن سان چڙهائي ڪري نوابن جي لکين چاهيندڙ جي دل آزاري ڪئي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي۔

هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته هن معاملي تي انڪوائري ڪميشن ويهاري معاملي جي جاچ ڪري ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن افاق ڪريم چانڊيو اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته نوابن جي ساخ کي هروڀرو نقصان رسايو وڃي ٿو جيڪي عمل انتهائي قابل مذمت آهي۔

پ پ ايم پي اي نواب سردارخان چانڊيو ميڊيا کي فون ذريعي ٻڌايو ته اسان خلاف بيگناهه ڪاروائي ڪئي وئي آهي آءِ جي سنڌ سپريم ڪورٽ کي جواب ڏيڻ لاءِ فريادي ڌر سان ڪمنٽمينٽ ڪري اسان جي ڪيس ۾ شاهدن کي حراسان ڪرڻ انهن مٿان پريشر وجهڻ ۽ اسان جي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ همدرن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي جيڪوناانصافي آهي اسان هر فورم تي انصاف خاطر ويندا سين اسانکي يقين آهي ته اسان سان انصاف ٿيندو۔

وارھ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو

وارھ رپورٽ: مظفر قاضي

پي پي ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو جي گهر تي پوليس چڙھائي خلاف وارھ ۾ واپاري دڪاندار اتحاد جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ٽوڪن هڙتال سخت نعري بازي۔ اڳواڻن پنهل عباسي، نياز حيدري ، ياسين ٻگهيو ، ظھير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ايم پي اي نواب سردار خان ۽ برهان خان چانڊيو جي گهر تي پوليس چڙھائي زيادتي آھي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي هزارين ماڻھن جي ووٽ سان ڪامياب ٿيل عوامي نمائيندن جي گهر تي بلا جواز چڙھائي ڪئي وئي آھي هنن مطالبو ڪيو ته پوليس گردي جو نوٽيس وٺي ملوثن خلاف ايڪشن کنيو وڃي ۔

لعلو رائنڪ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو

لعلو رائنڪ رپورٽ: روشن علي مغيري

لعلورائنڪ: پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي رهائشگاھ تي پوليس چڙهائي خلاف لعلورائنڪ ۾ پ پ ڪارڪنن ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ، محمد صديق پيچوهو، امير علي مغيري ساجد علي تنيو، حبيب خان بليدي لالا عبدالله پيچوهو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس انتظاميه بناجواز پ پ ايم پي اي سردار خان جي رهائشگاھ تي چڙهائي ڪري کيس جي عزت مجروح ڪئي وئي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس چڙهائي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ پوري ضلعي اندر احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here