سينيئر زرعي سائنٽسٽ ۽ انڊس پبلڪ سوشل فورم جو اڳواڻ ڊاڪٽر الھ رکيو ڪيريو کي دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو

0
169
dr Allah rakhio

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

ڳوٺ حاجي ڪيريو جي معزز شخصيت سينيئر زرعي سائنٽسٽ ۽ انڊس پبلڪ سوشل فورم جو اڳواڻ ڊاڪٽر الھ رکيو ڪيريو کي دل جي تڪليف سبب حيدآباد جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ، جتي ڊاڪٽرن طرفان ترت علاج شروع ڪيو ويو پر شديد تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو۔

ڊاڪٽر الھ رکيو ڪيريو مشهور زرعي ماهر ڪمند جي فصل تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ پاڪستان جي پهرئين سائنٽسٽ ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريو جو ڀاءُ ھو . سندس جنازي نماز ۾ سندس عزيزن ، ڪيريا برادري ۽ سياسي ، سماجي.صحافين سميت ٻين ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔

مرحوم کي سندس اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو .ٻئي طرف سندس لاڏاڻي تي سڪرنڊ پريس ڪلب جي صحافين محمد صديق منگيو، رائو منان، عبدالتواب شيخ، مسعود عمراڻي، مشتاق سولنگي، زاھد رشيد، ڪنور ظفر، الھ بچايو ڀٽي، خليل راجپوت، ولي محمد ڀٽي، عارف، مير محمد ڪيريو، گل محمد ملاح ۽ ٻين سندس وارثن سان ڏک جو اظھار ڪيو آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here