رهواسي هر بنيادي سهولت کان وانجهيل نيڪال جو گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهجي ويو

0
175

رپورٽ محمد نواز مغيري پکو

پکو لڳ ڳوٺ گھوگھاري ۾ کچي پاڙي جا رهواسي هر بنيادي سهولت کان وانجهيل نيڪال جو گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهجي ويو رهواسي عذاب ۾ مبتلا ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب گهرن ۽ گهٽين ۾ نيڪال جو گندو پاڻي تلاء وانگر بيهجي ويو اسڪول ويندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون به گٽرن جي پاڻي مان ڪراس ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن۔ 

ان موقعي تي ڳوٺاڻن عبدالطيف کچي دادن ڀٽي عبدالڪريم پٺاڻ بشير ڀٽي صغير ميربحر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آھي ته ھر ڀيري پ پ پ جي نمائيندن کي ووٽ ڏيندا آھيون ۽ اسان جي پاڙي کي سدائين نظرانداز ڪيو ويو آھي ۽ ووٽن محل چونڊيل نمائيندن اسان سان واعدا ڪيا هئا هينئر ڪو به پرگهور لهڻ وارو ناهي اسان جي کچي پاڙي ۾ گذريل 1 سال کان ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو گندگي جا ڍير لڳي ويا آھن ضلعي انتظاميه به اگهور ننڍ ستل آھي۔

بااثر ٺيڪدار به من پسند جو ناليون ٺاھن ٿا گهٽين ۾ نيڪال جو گندو پاڻي بيهجي ويو آھي ڳوٺ ۾ نالين جي به سهولت ناهي مظاهرين مطالبو ڪندي چيو آھي ته ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو اڳتي وڌايو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here