سجاول جوڻيجو رپورٽر
سجاول جوڻيجو ۾ سنڌ حڪومت ۽ يو ايس ايڊ جي تعاون سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول عرضي ڀٽو جي عمارت جي افتتاحي تقريب ٿي جنھن جو افتتاح پروگرام ڊائريڪٽر حفيظ رضا شيخ ۽ ڊسٽرڪٽ قمبرشھدادڪوٽ ايجوڪيشن آفيسر نواب الدين کوکر افتتاح ڪري اسڪول جي بلڊنگ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام حوالي ڪئي جنھن دوران اسڪول جي هيڊ ماستر عابد حسين جلباڻي آيل مھمانن کي آجياڻو پيش ڪري سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا۔
ان دوران افتتاحي تقريب کي خطاب اڳواڻن چيو تہ سنڌ حڪومت يو ايس ايڊ جي تعاون سان سنڌ اندر تعليم جي بھتري لاءِ قدم کڻي وڏيون اسڪول بلڊنگيون تعمير ڪرائي شاگردن کي سٺي تعليم جي زيور سان سينگاري ٿي هن وقت تعليم تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي صوبي اندر اهڙا اسڪول 140 تعمير ٿيل آهن جنھن ۾ عرضي ڀٽو جو هڪ وڏو خوب صورت تعليمي ادارو قائم جنھن ۾ اٺ ڪلاس روم آهن هر ڪلاس ۾ ٻائيتاليھ شاگرد تعليم حاصل ڪندا قمبر شھدادڪوٽ ضلعو تعليم جي لحاظ کان سڀ کان پوئتي پيل آهي افتتاحي تقريب ۾ سجاول جوڻيجو ٽي ئي او محمد اڪرم ٽانوري ميرو خان ٽي ئي او ايجوڪيشن خادم حسين چانڊيو سميت استادن ليڊي ٽيچرس ۽ ڪميونٽي سميت عوامي پريس ڪلب جي صحافين شرڪت ڪئي۔