ڀتو نہ ڏيڻ سبب جوابدارن زرعي زمين ۾ هلندڙ ٻن ٽريڪٽرن کي سڌا فائر ڪري انجڻ سميت باڊي ۽ ٽائرن کي گوليون هڻي نقصان پھچايو

0
154

سجاول جوڻيجو (رپورٽر علي مدد لاشاري)

ڀرسان گهنور قريشي ۾ ڀتو نہ ڏيڻ سبب جوابدارن گل جان جتوئي فدا حسين جتوئي عبدالفتاح جتوئي سميت ٻين زرعي زمين ۾ هلندڙ ٻن ٽريڪٽرن کي سڌا فائر ڪري انجڻ سميت باڊي ۽ ٽائرن کي گوليون هڻي نقصان پھچايو آهي ان حوالي سان ٽريڪٽر مالڪن اختيار علي جتوئي ۽ نور خان جتوئي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي تہ جوابدارن اسان کان لکين روپيا ڀتو طلب ڪيو هو اهڙي واقعي جو اطلاع سجاول جوڻيجو ۽ سنجر ڀٽي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت شھدادڪوٽ ڊي ايس پي يار محمد رند کي ڏنو هو جن ٻڌي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو جنھن بعد اڄ جوابدارن زرعي زمين ۾ هلندڙ ٻن ٽريڪٽرن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي جنھن جي اطلاع تي سجاول جوڻيجو ۽ سنجر ڀٽي ٿاڻي جي پوليس پھتي پر جوابدارن خلاف ڪيس داخل ناهي ڪيو نہ وري هنن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي متاثرن جو وڌيڪ چوڻ آهي تہ ڊي ايس پي شھدادڪوٽ يار محمد رند جوابدارن جو ساٿاري آهي جنھن هٿ سان اسان جو نقصان ڪرايو آهي هنن ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو سميت ٻين پوليس اختيارين کان گهر ڪئي آهي تہ معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here