ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڇھ جوابدارن تي ڪيس داخل

0
195

عمرڪوٽ ڀرسان 22 هيرل جي رهواسڻ ننڍي عمر جي ڇوڪري فوزيه ڌانڌل سان پنج ڏينهن پهرين معذور سرور ساند جو نڪاح ٿيو هو اڄ رخصتي ڪئي پئي ويئي ته اهڙو اطلاع ملڻ عمرڪوٽ وومين پوليس 13 سالا فوزيه ڌانڌل ۽ سندس والد يوسف ڌانڌل کي پوليس سامارو موڙ ڀرسان گرفتار ڪري ورتو گرفتار ڪيل ٻارڙي کي وومين ٿاڻي تي آندو ويو جتي سرڪار جي فرياد تي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڇھ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو جن ۾ گهوٽ سرور ساند، نڪاح پڙهائيندڙ مولوي مجيب ساند، رشتو ڪرائيندڙ نور محمد منگڻھار، يوسف ڌانڌل، گهوٽ جو ڀاءُ علي محمد ساند تي ڪيس داخل هڪ ڄڻو ناري جو والد يوسف ڌانڌل گرفتار، گرفتار ٿيل جوابدار ۽ ڪنوار فوزيه ڌانڌل کي عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڇوڪري کي والد يوسف ڌانڌل پئسن تي وڪرو ڪري شادي ڪرائي هئي اطلاع ملڻ تي وومين پوليس ڪاروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here