لعلورائنڪ ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين سڱاوتي معاملي تان جهيڙو ڪهاڙين لڳڻ سبب زال ۽ مڙس زخمي

0
264

رپورٽ: روشن علي مغيري

لعلورائنڪ ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين سڱاوتي معاملي تان جهيڙو ڪهاڙين لڳڻ سبب زال ۽ مڙس مرڻنگ واقعي خلاف ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻيل، خبر موجب لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ ورند ماڇي ۾ سولنگي برادري جي ٻن برادرين وچ ۾ سڱاوتي معاملي تان ڪالھ جهيڙو ٿي پيو هيو عبدالجبار سولنگي ۽ ان جي گهر واري ممتاز خاتون ٻني مان گاه ڪري رهيا هئا ته عبدالغفار سولنگي، صدام سولنگي ۽ پيار علي سولنگي مٿن ڪهاڙين سان حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 60 سالن جي ممتاز خاتون ڪهاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پئي ۽ عبدالجبار سولنگي کي ڪافي ڌڪ لڳا ٻئي زال مڙس زخمن سبب بيهوش ٿي ويا حملي آوار مرڻينگ حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن ٻنهي کي کڻائي واره ٿاڻي تي پهچايو ميڊيڪل ليٽر ملڻ بعد واره تعلقي اسپتال نيو ويو پر حالت تشويش ناڪ هجڻ سبب انهن کي لاڙڪاڻي شعبہ حادثات ۾ موڪليو۔

ان واقعي خلاف ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻجي ويا هنن قرآن پاڪ هٿن ۾ کڻي احتجاج ڪندي چيو ته اسان ٽن ڄڻن صدام، عبدالغفار ۽ پيارل خلاف واره ٿاڻي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪو به تحرڪ نه ورتو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ڪئي آهي۔ هو ٻنهي زال ۽ مڙس کي ماري چڪا آهن پر پوءِ به پوليس خاموش آهي۔

هنن الظالم مڙهيندي چيو ته اسان کي اهي اڳ ۾ به ڌمڪائيندا رهيا آهن جن خلاف اسان ڊي آئ جي جي حڪم تحت ايف آئي داخل ڪرائي هئي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ جي ڪري هو اسان مٿان ڏمرجي پيا ۽ ٻيهر حملو ڪري ڏنو. پوليس هڪ ڄڻي کي وٺي به وئي آهي ايس ايڇ او اختر کوسي انهن کان پئسا ورتا آهن تنهنڪري رات جو گشت دوران ان کي ڇڏي ويندا آهن وري هو صبح جو پاڻ ويندو آهي تنهن ڪري پوليس اسان سان انصاف نه ٿي ڪري اسين آئ جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کي گذارش ٿا ڪيون ته اسان انصاف ڪن واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن کي سزائون ڏيارين۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here